تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۾ گذريل ڏينھن اغوا ٿيل اينٽي ڪرپشن اھلڪار ذوالفقار ڏاھاڻي بازياب نه ٿي سگھيو،ڏاھاڻي برادري جي ماڻهن طرفان ڳوٺ محبت ڏاھاڻي ۾ ڪٺ ڪوٺايو ويو، ھڪ ڏينھن ۾ نوجوان بازياب نه ٿيڻ جي صورت احتجاجي تحريڪ جي آغاز جو اعلان ڪيو ويو،ان موقعي تي ڪرمپور بجاراڻي ھائوس جي ترجمان فوج علي ڏاھاڻي،حاجي اعجاز علي خان ڏاھاڻي، ايس يو پي اڳواڻ دلمراد ڏاھاڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس جي ڏوھارين خلاف  آپريشن ۽ نندواڻي_ ڪوڪاري گينگ جي گھرن ۾ پوليس ۽ رينجرس پڪٽ قائم ڪرڻ واري معاملي تي ڪوڪاري گينگ جي صدام عرف صدو ڪوڪاري نندواڻي،نصر الله عرف نصرو ڪوڪاري نندواڻي اٺ کان وڌيڪ ھٿياربندن جمال جي اسڪول تي انڪوائري لاءِ ويندڙ تعليم کاتي ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي جي عملدارن کي روڪي يرغمال بڻائي موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪيا، ھر ھڪ کان نالو پڇا ڪرڻ بعد نوجوان اينٽي ڪرپشن اھلڪار ذوالفقار ڏاھاڻي کي چيائون ھن کي پاڻ سان کڻي ويندا ، اڳواڻن موجب پوليس ۽ سنڌ سرڪار مان اميد آھي ته ھو نوجوان کي جلد بازياب ڪرائيندا، نوجوان جي ھڪ ڏينھن ۾ بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾  تحريڪ شروع ڪئي ويندي.