تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري!

0
40
تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري!

اڄ 20 جنوري 2023ع سنڌ جي عظيم انقلابي اڳواڻ، پاڪستان جي مظلوم قومن جي حقن جي علمبردار، سڄي ڄمار آمريتن کي لڪاريندڙ، تيز ذھن،  ڏاھي، مفڪر ۽ عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ جي باني محترم رسول بخش پليجي صاحب جي 93ھين سالگرھه جو ڏينھن آھي. پليجو صاحب سنڌ، پاڪستان سميت دنيا جي انھن عظيم، ڏاھن ۽ مفڪرن مان ھڪ ھو جن جي شخصيت، جدوجھد، ڪارناما ڪنھن ھڪ مخصوص فيلڊ يا مضمون تائين محدود ناھن. رسول بخش پليجو صاحب جڏھن پنھنجي شوخ قلم ۽ دشمنن لاءِ زھر قاتل مثل لکڻ جي انداز ۾ “انڌا اونڌا ويڄ” لکي ٿو ته ھو جھڙوڪ دنيا جو وڏو تنقيدي مفڪر ھجي حالانڪه پليجي صاحب جي گھڻ رخي شخصيت ۾ سندس ادب پاسي اھو ڪم صرف ھڪ پھلو آھي نه ته پليجي صاحب دنيا جي علم، ڏاھپ ۾ جيڪي تخليقون ڪيون جيڪي واڌارا ڪيا سي ته ھڪ وڏي وشال ۽ گھري سمنڊ جيان آھن جنھن کي پار پوڻ ته الڳ ڳالھه پر ان جون جھلڪيون ئي پسي سگھجن ٿيون جيڪي ڪڏھن “انڌا اونڌا ويڄ” جي روپ ۾ آھن ته ڪڏھن ادب جي نالي ۾ مايوسي، نراسائي، رجعت پسندي ڦھلائيندڙن کي “سندي ذات ھنجن” جي نالي ۾ قطعي ۽ اھڙو جواب آھن جو مخالف پليجي صاحب جي لکڻ کانپوءِ ٻيھر جوابي ليک لکڻ جي ست نه ساري سگھيا. پليجي صاحب پنھنجي ڪنھن انٽرويو ۾ چيو ھو ته لکڻ جي معاملي ۾ مان ڏاڍو سست آھيان. ماڻھن کي لکندو ڏسندو آھيان، غلط ڳالھيون لکندي ڏسندو آھيان پر سستي سبب کين جواب ڏئي نه سگھندو آهيان پر منھنجو مزاج اھڙو آھي جو اگر ڪو نه مڙيو ته پوءِ آخر ۾ اھڙو لکندس جو وري اڳيان لکندڙ کي جوابي ليک جي ھمٿ نه ٿي سگھندي. (پڙھو رسول بخش پليجي جا انٽريو پيڪاڪ پبلشرس) پليجي صاحب جون لکڻيون بلڪل اھڙيون ئي ھيون: دليلن جي ايڏي وسعت، لکڻ ۾ ايڏو رس ۽ چس، گھرائي سان مطالعي جي خوشبو، شاعري، قولن سان ۽ دنيا جھان جي ادب، فلسفي، علم جي مھڪ سان مھڪيل پليجي صاحب جون لکڻيون، تنقيدي ڪتاب، مقالا اھڙي ته تکي انداز ۾ ھوندا جو مخالف ٻيھر لکڻ لاءِ ھٿوراڙيون پيا ھڻندا. پليجي صاحب جي ھڪ ٻي وڏي خوبي جيڪا پليجي صاحب جي وسيع، گھري ۽ تمام گھري مطالعي جي نشاني ھئي جو پليجي صاحب ماڻھن کي اکرن، اصطلاحن ۾ ڪو نه ڦاسايو.

“اکران دي وچ جوئي اڙيا،

عشق دي چاڙھي مور نه چڙھيا.” (سچل)

پليجو صاحب ڇاڪاڻ ته بنيادي طور پورھيت دوست مفڪر ۽ سياستدان ھو ان ڪري ھُن جو گھڻو واسطو به سنڌ جي ٻھراڙين، ڳوٺن جي غريب مسڪين ماڻھن سان ھو ان ڪري ئي پليجي صاحب پنھنجي لکڻ جي انداز ۽ ٻولي کي ايڏو ته سادو رکيو جو ٻھراڙي جو اڻ پڙھيل ڳوٺاڻو به ڳالھه سمجھي وڃي. پليجي صاحب ماڻھن جي ٻولي ۾ ۽ انھن جي سمجھه ۾ ايندڙ سندن ئي روز مرھه جي شين سان لاڳاپيل مامرن کي پنھنجي لکتن ۾ آڻي سنڌ جي وسيع عوام جيڪا ٻھراڙين ۾ رھي ٿي ان کي لينن، مارڪس ۽ مائو سان روشناس ڪرايو. “صبح ٿيندو” ڪتاب پليجي صاحب جو بنيادي طور تي جدلياتي سائنس جي روشني ۾ سنڌي سماج جو جائزو آھي. ان ۾ سنڌ جي سياست جا نوان بنياد آھن. سنڌ جي سياست ۾ وڏو انقلاب آھي. انقلابي تاريخ ۽ سائنس ۾ وڏو واڌارو آھي پر ان ڪتاب اندر ڪٿي به پليجي صاحب ھروڀرو جدلياتي ماديت يا تاريخي ماديت جي اصطلاحن جو استعمال ڪونه ڪيو آھي ڳالھه سڄي سائنسي آھي ڳالھه سڄي تضادن جي سائنس جي آھي پر پليجي صاحب ان کي “فطرت جي قانونن” يا ٻين اھڙن آسان ۽ سمجھه ۾ ايندڙ اصطلاحن سان سمجھايو آھي جو فلسفي جي اصطلاحن ۾ ڦاسڻ بدران ماڻھو ڳالھه جي ڳر کي سمجھي وڃي ته: واقعي اسان سان جو ظلم، جو ڏاڍ جا ناانصافي آھي سا ته تر جي وڏيري ۽ چڱي مڙس جي ڪري آھي ۽ اڳيان ٻين ڪرسين تي ويٺل صاحب اختيار به ان جي اشاري تي نچندڙ آھن. پليجي صاحب جو اھو وڏو ڪارنامو آھي جو اڄ به سندس پارٽي عوامي تحريڪ جي اڳواڻي پورھيت طبقي وٽ آھي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جيڪا عورتن جي دنيا سطح تي مڃيل انقلابي تنظيم آھي ان جي اڳواڻي به پورھيت عورتن وٽ آھي ته ان ۾ گھڻائي به سنڌ جي ڳوٺن سان واسطو رکندڙ عورتن جي آھي. پليجي صاحب جي علمي، عملي ڪارنامن تي ڇا لکجي؟

 “پريم تنھنجا پار ڪھڙا چئي ڪھڙا چوان” (شاھه)

 “ھي جي آيا ھير سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏھين” (شاھه)

“مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرين کي،

 تنين سندي ڪا، ڪري نه سگھان ڳالھڙي.” (شاھه)

پليجو صاحب لطيف جو پارکو ھو، سنڌ جي مظلوم عوام جو ڀرجهلو ھو، داناءُ ھو، ڏاھو ھو، وطن دوست ھو.

“ساميئڙا سمنڊ ۾، تنبي جيئن ترن،

اچن واڳو وات، ڪسن ڪڇن ڪين ڪي. ”(شاھه)

 ھو سنڌ جو سچ پچ يگانو ڪردار ھو. اسان جو استاد ھو. رھبر ھو. قائد ھو سندس سالگرھه تي کيس ڀيٽا اھا ئي ٿيندي جو اسين سندس واٽ، فڪر، نظريي تي عمل ڪندي نئين سنڌ جا بنياد وجھون. جنھن سنڌ جا خواب پليجي صاحب ڏٺا نه فقط خواب پر ھُن عملي ڪم به ڪيو تيئن اسان به سندس واٽ تي آخري دم تائين ھلون ۽ ھن جي رھبري ھيٺ سنڌ، ملڪ سميت دنيا جي مظلومن جا ساٿاري بڻجون.

“ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينھن جي

جھڙا آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي،

تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري” (شاھه سائين)