تنهنجي ياد جي وري آ وير … اُمِ ليلا نظاماڻي

0
58

سنڌ جي زرخيز مٽي مان ھميشه اھڙن ھيرن جنم  ورتو آھي، جن تي سنڌ کي فخر آھي. اهڙي ئي شخصيت عبدالرحمان مُغل آهي، جنھن کي سڄي سنڌ سرمد سنڌي جي نالي سان سُڃاڻي ٿي. عبدالرحمان مُغل کي سرمد سنڌي جو نالو ڏيڻ وارو سائين جي ايم سيد ھو. سرمد سنڌي جو جنم ھڪ ننڍڙي ڳوٺ پريالوءِ (ضلعو خيرپور ميرس) ۾ حيات علي مغل جي گھر ۾ ٿيو.

سرمد سنڌي کي ننڍپڻ ۾ ترڻ ۽ موسيقي جو شوق ھو. موسيقي جي ان شوق سرمد کي سنڌ جو ٻيجل بڻايو. سرمد ڪاليج جي زماني کان شاگردن ۾ مشھور ھو. ان ڳائڻ جي شرعات 1985ع ۾ دوستن جي وچ ۾ شروع ڪئي، ھو دوستن جي وچ ۾  جھونگهاريندو ھو ۽ ننڍن وڏن پروگرامن ۾ ڳائيندو ھو. ھن راڳ جي تربيت راڳي لالا عزيز کان حاصل ڪئي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڳائڻ جي شرعات 1985 ع کان ڪئي. ٽيليويزن تي ھن سڀ کان پھرين نعت ڳائي، جيڪا پروڊيوسر اعجاز عليم رڪارڊ ڪئي.  سرمد سنڌي کي ريڊيو تي مختيار ملڪ، ڪوثر ٻُرڙي ۽ ٽي وي تي سميع بلوچ متعارف ڪرايو. پيشي جي لحاظ سان سرمد سنڌي سول انجنيئر ھو ۽ آخري گهڙين تائين ان عھدي تي فائز رھيو.

سرمد کي سنڌ ڌرتي، ٻولي ۽ تھذيب سان عشق ۽ بي  انتها  پيار ھو. سرمد ھر طبقي کي ڳايو، ھر ظالم کي ظالم چيو ۽ پنھنجي گيتن جي ذريعي عوام جي دلين ۾ انقلاب آندو. ھن جي گيتن ۾ سنڌي سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن جو داستان  پڻ بيان ڪيو.

” ھو ڪاري نه ھئي

پر بي ڏوھي ويچاري ھئي“.

جتي سماج عورتن کي ڌڪار جي نظر سان ڏسندو ھو، ان وقت سرمد پنھنجي گيتن ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن کي پنھنجي آواز جي ذريعي جھر جھنگ تائين پھچايو.

“ڪپڙا ڦاٽل تن تي پاتل، ليڙون ليڙون پوتي ڙي،

ڏکيا منھنجا ڏوٿي ڙي….”

اثر سنڌيءَ جو هي گيت گهڻو مشهور ٿيو. (اهو گيت 1976ع ۾ “سنڌي هاري پبليڪيشن” ۾  شايع ٿيو هو، پر سرمد اهو اسي واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ڳايو، پر ان ۾ ڪجهه مصرعن سان هٿ چراند ڪري تبديل ڪيو ويو، جنهن لاءِ سرمد، ڪئسٽ ڪمپنيءَ وارن کي ذميوار قرار ڏيندي چيو هو ته، کيس گيت انهن ڏنو.) سرمد جتي غريب طبقي جو درد بيان ڪيو آھي، اتي وري ھن پوليس جي ڏاڍ کي به پنھنجي گيتن جو محور بنايو:

”مَنَھن ڇپرن، لوڙهن ۽ گھر گھر ۾ گوليون

فوج پوليس چوي، ڌاڙيل پيان ڳوليون

سرمد پنھنجي گيتن جي وسيلي جيڪي به سنڌ جي آجپي جي لاءِ پاڻ پتوڙي رھيا آھن انھن کي ڪجھ ھن طرح سلام پيش ڪري ٿو ته،

”سچن جي سرڪش اڏول ڇاتي

جُھري سگھي ٿي جھڪي نه سگھندي“

سرمد کي سنڌ واسين سنڌ جو ٻيجل سڏيو آھي ته نالي واري شاعر تاجل بيوس کيس راڳ جو راڻو ۽ سنڌ جو وڪٽر ھارا ڪري سڏيو.

سرمد جي حياتي جو سج اڃا جوڀن تي پھتو ئي مس ھو ته 27 ڊسمبر 1996ع تي ھڪ روڊ حادثي سرمد کان زندگي کسي ورتي.