صوابي (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته گهر ويهي تنقيد ڪندڙن کي تحريڪ انصاف جو نٿو سمجهان، سندن ناراضگي کڏ ۾ پوي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان هميشه ميدان ۾ هوندا جيڪي تنقيد ڪن ٿا اهي گهر ۾ ويهي هوائي خبرون ڪندا آهن، مون کي اهڙن ماڻهن جي ڪا به پرواهه ناهي. مون تي باني جو اعتماد آهي ۽ ساٿ آهي، هميشه اهو ئي ڪندو آهيان جيڪو هو چاهيندو آهيان.