ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري جي پياري جوڙي اداڪارا تمنا ڀاٽيا ۽ اداڪار وجي ورما ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پر هو صرف دوستي جو رشتو برقرار رکندا. ڀارتي ميڊيا موجب تمنا ڀاٽيا ۽ وجي ورما وچ ۾ ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ رومانوي رشتو شادي جي رشتي ۾ تبديل نه ٿي سگهيو. تمنا ڀاٽيا ۽ وجي ورما پنهنجي رومانوي لاڳاپن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر ٻنهي هڪ ٻئي جي عزت جو احترام ڪندي رڳو دوست رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ماضي جي مشهور جوڙي جي اهڙي فيصلي تي مداح حيران ۽ پريشان آهن، پر هاڻي ٻنهي فنڪارن جي وچ ۾ جدائي جو اصل سبب سامهون اچي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 34 سالن جي تمنا ڀاٽيا جلد شادي ڪري خاندان شروع ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته 38 سالن جو اداڪار وجي ورما پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو. پيار ڪندڙ جوڙي ۾ هن مسئلي تي سخت اختلاف هئا ۽ ٻنهي هڪ ٻئي کان رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.