ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره تمنا ڀاٽيا ۽ اداڪار وجي ورما جي جوڙي جلد ازدواجي زندگي جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيا آهن، رپورٽن موجب ٻئي اداڪار 2025 ۾ شادي جو ارادو رکن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ گڏ نئون گهر ڳولي رهيا آهن، رپورٽس موجب وجي ۽ تمنا پنهنجي مستقبل جي تيارين جي شروعات گهر جي ڳولا سان ڪئي آهي، ٻنهي پنهنجي محبت جو اعتراف 2023 ۾ نيٽ فلڪس جي پروجيڪٽ لسٽ اسٽوريز 2 جي رليز وقت ڪيو هيو ۽ ان کانپوءِ ٻنهي کي ڪيترين تقريبن ۽ ڊيٽ نائٽس تي گڏ ڏٺو ويو آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي پنهنجي شادي جي خبرن تي اڃا تائين ڪا تصديق ناهي ڪئي پر مداح بي صبري سان انهن جي ايندڙ قدم جو انتظار ڪري رهيا آهن، تمنا کي تازو ئي مشهور ڊيزائنر منيش ملهوترا جي گهر ٻاهران ڏٺو ويو، جتي اها هڪ ڪلاسڪ بليڪ ڪرتا سوٽ ۾ نظر آئي، سندس اهو سادو ۽ شاندار انداز مداحن ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو، وجي ورما هڪ تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته اهو پنهنجي محبت کي لڪائڻ تي يقين نٿو رکي، پر پنهنجي زندگي جي ڪجهه لمحن کي ذاتي رکڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، هن انڪشاف ڪيو ته وٽس تمنا سان گڏ پنج هزار کان وڌيڪ تصويرون موجود آهن، پر اهو انهن کي عوامي طور تي شيئر ڪرڻ بدران پنهنجي لاءِ محفوظ رکڻ چاهي ٿو.