ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا تمنا ڀاٽيا ۽ اداڪار وجئه ورما هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا، جنهن جو اصل ڪارڻ به سامهون اچي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب، تمنا ۽ وجئه گڏيل راضپي سان رستا ڌار ٿيا آهن، هو به ٻئي هاڻي دوست آهن پر ٻنهي وچ ۾ رومانوي لاڳاپا ختم ٿي چڪا آهن. ڀارتي شهر حيدرآباد دکن مان نڪرندڙ رسالي سياست ڊيلي دعويٰ ڪئي آهي ته تمنا ڀاٽيا جلد شادي ڪرڻ ۽ گهر وسائڻ جي خواهشمند هئي، جڏهن ته وجئه ورما في الحال شادي لاءِ تيار نه هو، اِهو ئي سبب آهي جو ٻنهي ۾ ويڇا وڌڻ لڳا. واضح رهي ته تمنا ۽ وجئه ۾ 2022ع ۾ ويجهڙائيون وڌڻ لڳيون ۽ پوءِ ٻئي ڪيترن ئي تقريبن ۾ گڏ نظر آيا، جڏهن ته ٻنهي پنهنجي رشتي بابت به تصديق ڪئي هئي. جوڙي کي پهريون ڀيرو ڀارتي گلوڪار دلجيت دوسانجهه جي ڪنسرٽ ۾ گڏ ڏٺو ويو هو.