ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تماڪ نوشي هڪ عالمي وبا آهي، جنھن ڪارڻ هر سال لکين انساني جانيون ضايع ٿينديون آھن. “ورلڊ نو ٽوبيڪو ڊي” جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن زور ڀريندي چيو ته صحت هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي به تماڪ جي نقصانڪار اثرن کان بچائڻو پوندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوانن کي تماڪ نوشي کان بچائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. شهرين کي صحتمند زندگي ۽ صاف ماحول مهيا ڪرڻ اسان جو مشن آهي. هن چيو ته سگريٽ ڇڪڻ رڳو عادت نه آھي، پر ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جي پاڙ آهي. صحت جي حفاظت لاءِ تمباڪو بابت قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت تمباڪو نوشي خلاف اثرائتا پاءَ وٺي رهي آهي. تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ عوامي هنڌن تي تمباڪو تي پابندي لاڳو ڪئي پئي وڃي. سيد مراد علي شاهه شهرين کي اپيل ڪئي ته تمباڪو نوشي ڇڏي ڏين ۽ ٻين کي پڻ منفي عادت کان بچائڻ ۾ سندن ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.