تماش گاهه … هجوم ۾ اڪيلو سياستدان

0
42
تماش گاهه ... هجوم ۾ اڪيلو سياستدان

 پئسي وارن سياستدانن جي هجوم ۾ ڪنهن ته تڪليد جوڳو مثال قائم ڪيو آهي. ٺٽي ضلعي مان ٻيو ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجندڙ علي حسن زرداري سنڌ حڪومت جي اختيارين کي باضابطا طور تي لکت ۾ ڏنو آهي ته هو وزير جي حيثيت ۾ 2900 سي سي گاڏي سرڪار کي واپس ڪري رهيو آهي ۽ هو ڊيزل جي سهولت تان پڻ هٿ کڻ رهيو آهي ۽ هو حڪومت جي ڄاڻ ۾ پڻ اها ڳالهه آڻڻ چاهي ٿو ته هو وزير جي حيثيت ۾ پنهنجي پگهار ٻين سمورين مراعتن تان ان وقت تائين، هٿ کڻي ٿو جيستائين ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر نٿي ٿئي. ڪوشش ڪئي وئي هئي ته ڪنهن ريت علي حسن زرداريءَ سان رابطو ٿئي ته اهو پڇي سگهجي ته ان کي ڪنهن اهڙي ترغيب ڏني آهي، جو هو پنهنجي سرڪاري مراعتن تان هٿ کڻي رهيو آهي، پر رابطي جي حوالي سان ڪاميابي نه ٿي سگهي. هڪ ڊگهي عرصي کان هو پنهنجي موبائل فون کان به پري رهندو آهي. وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي ان هجوم ۾ ڪنهن ته ملڪ جي نازڪ معاشي حالت تي پنهنجي درد جو مظاهرو ڪيو آهي. آصف زرداري، صدر چونڊجڻ کانپوءِ ۽ گهرو معاملن جي وفاقي وزير محسن نقوي پڻ پنهنجي پگهار تان دستبردار ٿيڻ جو اڳ ئي اعلان ڪري چڪا آهن. وزيراعظم شهباز شريف ته هڪ ڪميٽي قائم ڪري اهو سمجهو ته اها ڪميٽي ڪفايت شعاري جون تجويزون ڏيندي ته پوءِ غور ڪيو ويندو.

علي حسن زرداري کي پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت ۾ جيل کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. ان جو بنيادي طور تي تعلق ضلعي بينظيرآباد (نوابشاهه) جي هڪ ڳوٺ سان آهي. کيس جڏهن آصف زرداري پنهنجي سرپرستي ۾ ورتو، ته ان جا ڏينهن تبديل ٿي ويا. آصف زرداري جي پهريون ڀيرو صدر چونڊجڻ کان هيستائين علي حسن واقعي زرداري بڻجي اڀريو. هو ان حد تائين با اختيار ٿي ويو هو جو ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ هوائي جهاز جو رخ نوابشاهه ڪرايو ويندو هو ۽ علي حسن زرداري جهاز تي سوار ٿي ويندو هو. ڪهڙي بورڊنگ پاس، ڪهڙي جهڙتي ۽ ڇا جي ٽڪيٽ؟ آصف علي زرداريءَ جي گمنامي وارن ڏينهن ۾ علي حسن پنهنجي ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ سائيڪل تي کير وڪڻندو هو. ٻين زردارين وانگر علي حسن به معاشي طور تي بيمثال ترقي ڪئي. ان کي پيپلز پارٽي ٺٽي ضلعي ۾ هڪ صوبائي سيٽ تي ڪامياب ڪرايو آهي. هڪ طرح سان هو ٺٽي ضلعي ۾، جتي شيرازين جو گهڻو اثر هو، هڪ ئي وقت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي، سينيٽ ۽ ضلعي ڪائونسل ان جي دسترس ۾ هئا. مطلب ته وڏي زرداريءَ کيس سمورين شين تان دستبردار ڪرائي ڇڏيو، سواءِ صوبائي اسيمبليءَ جي هڪ سيٽ جي. علي حسن زرداريءَ جي باري ۾ مشهور آهي ته هو به وڏي زرداريءَ جي معاملن جو فرنٽ مين آهي. وڏي زرداريءَ جا ذوالفقار مرزا وانگر درجنين فرنٽ مين آهن. ڪو زرعي زمينن جي نگراني ڪندو آهي، ڪو فروٽ فارم جو انتظام هلائيندو آهي ته ڪو شگر ملن جو ڪاروبار سنڀاليندو آهي. ڪنهن جي ذميواري پيٽرول پمپ جو حساب ڏسڻ هوندو آهي. وڏي زرداريءَ جي ملڪيتن جي باري ۾ ان جي ياداشت ۾ هڪ هڪ جي ڳڻپ آهي. جڏهن ڪنهن به اکيون ڏيکاريون يا ‘مالڪ’ بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي هڪ ئي جهٽڪي سان ذوالفقار مرزا بڻايو ويو يا وري غلام مصطفيٰ ميمڻ بڻايو ويو. غلام مصطفيٰ تي ڪراچي ۾ زمين تنگ ٿي وئي هئي، جڏهن هن زرداريءَ جو مال ‘هڙپ’ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کي سڀني شين کان محروم ڪري پاڪستان مان هٿين خالي ۽ کيسي خالي فرار ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. هو دبئي ويو، جتان کان آمريڪا ويو ۽ اتي غم ۾ دل جو دورو پوڻ جي ڪري گذاري ويو. سنڌ صوبي ۾ سياست هجي يا ڪاروبار، سڀ ڪجهه ‘پراڪسي’ تي هلندو آهي.

اندازو اهو آهي ته علي حسن کي وڏي زرداري ايڏو وڏو قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي هوندي. ايڏو وڏو قدم جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي ماڻهن لاءِ تقليد جوڳو ٿي سگهي ٿو، اهو علي حسن پاڻمرادو ڪيئن کڻندو؟ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان وابسته سمورا ماڻهو پئسن سان راند ڪندا آهن پر ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن جي آزمائشي دور ۾ به ڪنهن کي اها توفيق ڪانه ٿي جو ضرورتمند ماڻهن جي کاڌي پيتي ۾ مدد ڪري سگهي. صرف سنڌ ئي نه پر پنجاب ۾ نواز شريف، شهباز شريف، مريم يا حمزه هجي ۽ وفاقي ڪابينا ۾ شامل سمورا ماڻهو علي حسن جي تقليد ڪري سگهن ٿا پر هتي ته رويو ئي اهو آهي جو انتهائي مهانگي معاوضي تي خزاني وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ظاهري طور تي ته پي آءِ اي جي نجڪاريءَ لاءِ آندو ويو آهي. ڪي چون ٿا ته اورنگزيب آءِ ايم ايف جي پرچيءَ تي آيو آهي پر ان کي ايتري ڳري معاوضي تي ڇو آندو ويو آهي؟ اهڙيءَ ريت ناڻي واري وزارت پنهنجو حق تصور ڪندڙ اسحاق ڊار کي پرڏيهي معاملن جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي ۽ هو پنهنجي مقرريءَ جي ٻئي ڏينهن ئي هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ۽ جرمنيءَ جي دوري تي روانو ٿي ويو. ڇا ڪنهن کي اهو درد آهي ته ملڪ جي معيشت ڪنهن به ريت معمولي خرچ به برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿي رکي. جيڪڏهن اهي سمورا وفاقي ۽ صوبائي وزير پنهنجين سمورين مراعتن ۽ سهولتن تان رضاڪاراڻي طور تي دستبردار ٿي وڃن ٿا ته ڪنهن به حڪومت کي هڪ ارب ڊالر جي قرض لاءِ آءِ ايم ايف جي آفيس جا چڪر لڳائڻا نه پون ها.

وزير اعظم شهباز شريف پاڻ اهڙي شروعات ڪري ۽ هن جي ڪابينا جا سمورا وزير ۽ ٻين صوبن جا وزير ان جي تقليد ڪن. اها ڳالهه وزيراعظم شهباز شريف لاءِ ڪا مشڪل نه آهي ته هو پنهنجي کيسي مان پنهنجا خرچ برداشت ڪري. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي آفيس ۾ سرڪاري فرضن جي ادائگي لاءِ آئي ته هڪ اندازي مطابق ان جي قافلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 44 گاڏيون هيون. جيڪو ڪم ٻن چئن گاڏين سان ٿي پئي سگهيو، ان ۾ هن نمائش جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ البته جيڪڏهن اها نمائش ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر يا ٽي ڀيرا ماضيءَ ۾ وزيراعظم رهندڙ نواز شريف جي خرچ سان ٿئي ها ته بهتر هجي ها. قومي خزاني تي اهو بار آخر ڇو وڌو ويو؟ هونئن ته وزيراعليٰ پنجاب دنيا جا انتهائي قيمتي ڪپڙا پائيندي آهي، مهانگو سينڊل پائيندي آهي، انتهائي مهانگو پرس استعمال ڪندي آهي ۽ ان جي ميڪ اپ جي خرچن جي ته وڏي هاڪ آهي. ڀارت جي هڪ رياست بنگال جي وزيراعليٰ ممتا بينرجي وانگر سادگيءَ سان به وقت گذاري سگهجي ٿو. فرق صرف اهو آهي ته پاڪستان ۾ ته زندگي آءِ ايم ايف جي سهاري (بيساکين) تي گذرندي آهي. حالتن جي اها شديد گهرج آهي ته سمورا وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ سمورا وڏا ڪامورا سادگي اختيار ڪن. پنهنجا ذاتي ۽ سرڪاري خرچ گهٽائين ته جيئن معيشت کي سهارو ملي سگهي.