تماش گاهه … ملڪ کي دنيا جي نظرن ۾ تماشو بڻايو ويو آهي

0
38
تماش گاهه ... ملڪ کي دنيا جي نظرن ۾ تماشو بڻايو ويو آهي

 ڪنهن پاڪستان ۾ اليڪشن تي ڪيڏو نه بهترين تبصرو ڪندي چيو آهي ته، سڄي دنيا ۾ بحرانن کي حل ڪرائڻ لاءِ چونڊون ڪرايون وينديون آهن پر پاڪستان اهڙو ملڪ  آهي، جتي چونڊون بحران پيدا ڪنديون آهن. واقعي ائين ئي ٿي رهيو آهي. چونڊون ٿيڻ کانپوءِ وارن اٺن ڏينهن اندر اندر نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي کانسواءِ بظاهر اڪثريت حاصل ڪرڻ واري تحريڪ انصاف سميت اڪثر جماعتون احتجاج، ڌرڻا ۽ مظاهرا ڪري رهيون آهن. نئين سر چونڊون ڪرائڻ وارو مطالبو زور وٺندو وڃي. اهو ان ڪري ٿيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو وري اڻ ڌريون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اميدوارن کي فارم-45 ته جاري ڪيو ويو پر رٽرننگ آفيسرن فارم-47 مختلف تڪن ۾ پنهنجي مرضيءَ مطابق تيار ڪرايا، جيڪي تڪرار ۽ تضاد جو سبب بڻجي ويا آهن.

                 جمعو 16 فيبروري تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) پير پاڳاري جي قيادت ۾ سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. پير صاحب جي مريدن جي وڏي تعداد سان گڏوگڏ سياسي ماڻهن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ۾ پير پاڳاري چيو ته اسان کي سنڌ ۾ ٻه صوبائي سيٽون ڏنيون ويون آهن. اسان اهي ٻئي سيٽون ڇڏيون ٿا، ڇو ته اسان فوج کي ناراض ڪرڻ نٿا چاهيون. جيڪي به فيصلا ٿيا آهن، اهي آر اوز وغيره جو ڪم نه آهي. بلوچستان جي سياسي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي به اعلان ڪيو آهي ته اهي قومي اسيمبلي ۾ ويهڻ پنهنجي توهين سمجهن ٿا. مولانا فضل الرحمان پڻ بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. هن ته هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو آهي ته، “ڌانڌلي 2018ع ۾ پڻ ٿي هئي، هاڻي به ٿي آهي ۽ ظاهري طور تي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو فائدو مسلم ليگ (ن) کي ٿيو. هاڻي فيصلا ايوان ۾ نه پر ميدان ۾ ٿيندا”. جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته، “پي ٽي آءِ جي باني جي حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ جنرل (ر) باجوه جي چوڻ تي آندي وئي. بي اعتمادي جي رٿ وقت جنرل (ر) باجوه ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد رابطي ۾ هئا. آئون بي اعتمادي جي رٿ جي حق ۾ نه هئس. بي اعتمادي جي تحريڪ پيپلز پارٽي هلائي رهي هئي. انهن چاهيو ٿي ته تحريڪ جي ذريعي ان وقت جي حڪومت کي هٽايو وڃي. فيض حميد مون وٽ آيو ۽ چيائين ته جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي، اهو سسٽم جي اندر رهي ڪريو. سسٽم ۾ رهي ڪرڻ جو مطلب اسيمبلين ۾ رهي ڪرڻو آهي. مون انڪار ڪري ڇڏيو هو. پي ٽي آءِ جا ماڻهو، بلوچستان عوامي پارٽي، ايم ڪيو ايم وارا آيا ته پوءِ چيو ويو ته اسان وٽ هاڻي اڪثريت آهي. جيڪڏهن ان وقت بي اعتمادي جي تحريڪ کان انڪار ڪريان ها ته چيو وڃي ها ته مون پي ٽي آءِ جي باني کي بچايو. جڏهن پي ٽي آءِ جا ماڻهو ۽ اتحادي الڳ ٿي اسان وٽ اچي رهيا هئا ته ان وقت به جنرل باجوه ۽ جنرل فيض اسان سان رابطي ۾ هئا. جنرل (ر) باجوه ۽ جنرل (ر) فيض جي موجودگيءَ ۾ سڀني جماعتن کي سڏايو ويو ۽ چيو ويو ته توهان کي ههڙي نموني ڪرڻو آهي. جنرل (ر) باجوه ۽ جنرل (ر) فيض بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان سڀني جماعتن کي چيو ته توهان کي ڪهڙي نموني ڪيئن ڪرڻو آهي. ان تي پوءِ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ به مهر لڳائي ڇڏي”. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر سمورين سياسي ڌرين کي پي ٽي آءِ طرفان ڪالهوڪي پر امن احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ چيو هو ته جيڪي ڌريون سمجهن ٿيون ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، اهي احتجاج ۾ شامل ٿين. اڊيالا جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ گوهر خان چيو ته تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ جو هر فورم تي دفاع ڪيو ويندو. جيڪا جماعت 20 سيٽون مشڪل سان کٽي سگهي، ان کي حڪومت ڏني پئي وڃي. اليڪشن کي عوام جي آزاديءَ جو تعين ڪرڻو هو. پي ٽي آءِ باني کي اليڪشن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، رڪارڊ مطابق تحريڪ انصاف 180 سيٽون کٽي چڪي آهي. اسان جي هڪ پوائنٽ ايجنڊا هئي ته اسان پاور پاليٽڪس نه ڪنداسين. پيپلز پارٽي سان نه ڳالهيون ٿيون آهن ۽ نه ئي ٿينديون. احتجاج ڪرڻ عوام جو آئيني ۽ قانوني حق آهي. گرفتاريون نه ٿيڻ گهرجن. گذارش آهي ته اهي مختصر ڪيس آهن، انهن 70 تڪن جي ڪيسن تي جلد فيصلو ٿيڻ گهرجي. شير افضل مروت چيو ته پيپلز پارٽي جا سمورا نياپا پي ٽي آءِ باني جي سامهون رکيا ۽ پي ٽي آءِ باني چٽن لفظن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان اقتدار ۾ ڀائيواري نه ڪنداسين. اهو نه صرف عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو لڳو آهي، پر عوام جي آزادي کي به کسيو ويو آهي. عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ميان افتخار حسين سان رابطو ڪيو ۽ ان اي اين پي کي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. ميان افتخار جو چوڻ آهي ته عوامي نيشنل پارٽي ڪنهن به پليٽ فارم تي پي ٽي آءِ سان تعاون ڪرڻ لاءِ معذرت ڪئي آهي. خيبر پختونخوا ۾ ڌانڌلي جي ذريعي پي ٽي آءِ کي حڪومت ڏني وئي آهي. اي اين پي جو موقف آهي ته هتي پي ٽي آءِ جي مدد ڪري اسان کي هارايو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته پي ٽي آءِ، پاڪستان تحريڪ انصاف (پارليامينٽرين) سان گڏجي خيبر پختونخوا ۾ حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻنهي جي وچ ۾ ڳالهيون به ٿيون آهن. پارٽي ذريعن مطابق پي ٽي آءِ باني، پي ٽي آءِ (پارليامينٽرين) سان اتحاد جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي.

ذريعن مطابق، جماعت اسلامي جي انڪار کانپوءِ پي ٽي آءِ پرويز خٽڪ سان گڏجي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي  آءِ (پارليامينٽرين) خيبر پختونخوا ۾ ٻه سيٽون حاصل ڪيون آهن.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص تان اڃان 15 سالن جو قبضو ختم ناهي ٿيو. سياسي جماعتن کي صبر ۽ تحمل جي اپيل ڪريون ٿا. اچو ته سڀ گڏجي ويهون ۽ پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته چونڊون ئي واحد رستو آهن جمهوريت سان اڳتي وڌڻ جو. چونڊون ان وقت ٿيون جڏهن پاڪستان جي معاشي صورتحال خراب هئي، امن امان جا مسئلا هئا، سيڪيورٽي ادارن جي ڪري پر امن چونڊون ٿيون. هن وقت سياست جي بدران رياست کي بچائڻ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هي چونڊون 2018ع وارين چونڊن کان گهڻيون بهتر هيون. اسان کي به ڪجهه سيٽن تي تحفظات آهن پر اسان گوڙ نه پيا ڪريون. سنڌ جي شهري علائقن مان ايم ڪيو ايم کي مينڊيٽ مليو آهي. اسان وٽ جشن ملهائڻ لاءِ سمورو جواز موجود آهي پر اسان به پريشان آهيون. سنگين حالتن ۾ مشڪل فيصلن جي ضرورت آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا چئي رهيا آهن ته انهن 100 نه پر 180 سيٽون کٽيون آهن. سموريون سياسي جماعتون سوچين ته پي ٽي آءِ کي ووٽ ان سان محبت جي ڪري پئجي رهيو آهي يا اسان کان نفرت جو. پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ حڪومت ۾ پي ٽي آءِ ضمني چونڊن ۾ 19 سيٽون هارايون هيون. ماڻهن اسان کان نفرت جو اظهار نه ڪيو. اسان کي ڪراچيءَ ۾ 15 سيٽون مليون آهن. اسان ڪراچي ۾ 8 مهينا چونڊ مهم هلائي آهي. توڙي جو اهي سيٽون اسان کي ان حساب سان گهٽ مليون آهن پر ڪا ڳالهه ڪانهي.

هن تماش گاهه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڪنهن به حالت ۾ اطمينان جوڳو نه آهي. سياسي خلفشار ڪنهن به حالت ۾ هن ملڪ جي غير مستحڪم ۽ ڪمزور معيشت کي مستحڪم ٿيڻ نه ڏيندو. سڀني کي اها خبر آهي ته دولتمند سياستدانن کي ته ڪو سيڪ نه ايندو، نپوڙجندو ته اهو ئي ماڻهو، جيڪو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان رهندو آهي. حڪمراني ڪرڻ جو عجيب شوق آهي. نتيجو ڪجهه به نڪري، ان سان سندن واسطو ڪونهي. خود غرضي جي انتها آهي ۽ وري دعوا اها ٿا ڪن ته اهي ملڪ جا خير خواهه آهن. حالانڪه ملڪ کي دنيا جي نظرن ۾ تماشو  بڻايو ويو آهي.