تماش گاهه … سياسي جماعتن جي غير فعاليت ۽ جمهوريت

0
80
تماش گاهه ... سياسي جماعتن جي غير فعاليت ۽ جمهوريت

 پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ پنهنجي اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. سمورا اميدوار، جن ٽڪيٽ جي اميد تي پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، انهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پارٽي جن اميدوارن جا نالا فائنل ڪيا آهن، انهن کانسواءِ باقي سمورا فرد پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي وٺن. پارٽي جيڪي اميدوار نامزد ڪيا آهن، هڪ يا ٻه سيڪڙي کان علاوه سمورا اڳوڻا اميدوار ئي آهن. پارٽي انهن ماڻهن جي وڏي اڪثريت کي ٽڪيٽ “عنايت” ڪئي آهي، جيڪي 2008ع کان ٽڪيٽ حاصل ڪندا اچن. پارٽي جي قيادت تجربيڪار ۽ آزمايل ماڻهن کي ٽڪيٽ “عنايت” ڪري پنهنجي پاڻ کي آجو تصور ڪري ٿي. ان جو خيال اهو آهي ته ٽڪيٽ ڏيڻ تائين واري ذميواري ان جي آهي ۽ باقي ذميداري اميدوارن جي ٿئي ٿي. باقي ذميداري ۾ ووٽرن تي سندن ڳوٺن کان پولنگ اسٽيشن تائين آڻڻ، انهن جا شناختي ڪارڊ وٺي ووٽنگ کانپوءِ ڪجهه رقم ڏيئي ڪارڊ واپس ڪرڻ، پولنگ دوران انهن جي کاڌي پيتي لاءِ هڪ ننڍڙي ٿيلهيءَ ۾ نام نهاد برياني ڏيڻ وغيره شامل هوندو آهي. چونڊجي اچڻ کانپوءِ چونڊيل نمائندا پنجن سالن لاءِ پنهنجي ووٽرن کي منهن ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهن هوندا. اهو آهي اهو طريقيڪار، جنهن کي سياسي جماعتون جمهوريت قرار ڏين ٿيون. اها پوئيڊاون جي متعارف ڪرايل جمهوريت آهي. ان جمهوريت جي ڪري سياسي جماعتن کي عام ماڻهن جي حمايت ئي حاصل نٿي ٿئي. عام ماڻهن کي ان ڳالهه سان ڪابه دلچسپي ناهي ته ڪير ايندو ته ڪير ويندو. سياسي جماعتن جي بند دروازن جي ڪري ئي عام ماڻهو سياست کان نفرت ڪرڻ لڳا آهن، جيڪو سياست ۾ انهن جي دلچسپي نه هجڻ جو سبب آهي. انهن جي دلچسپي نه وٺڻ جي ڪري ئي قيادتن جي اجاراداري قائم ٿي وئي آهي، جيئن ڪارپوريٽ دنيا ۾ جنهن انداز ۾ شيئرز هڪ خاص گروهه جي قبضي ۾ هوندا آهن. حڪومت ڇو اربين رپيا چونڊن جي نالي تي خرچ ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪندي آهي. ڀلا ايئن ڇو نٿو ڪيو وڃي ته سياسي جماعتن کي انهن جي ماضيءَ جي مقبوليت، جهڙي به هجي، ۽ حاصل ڪيل ووٽن جي بنياد تي سيٽون مختص ڪري ڏنيون وڃن. اربين رپيا محفوظ ڪرڻ لاءِ اهو طريقيڪار اختيار ڪرڻ گهرجي. چونڊن جي خرچن کان بچايل رقم تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خرچ ڪئي وڃي ته جيئن عام ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي.

پيپلز پارٽي 1970ع کان پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ سيد قائم علي شاهه کي به ان جي پيرسنيءَ باوجود ٽڪيٽ عنايت ڪئي آهي. شاهه صاحب وفاقي وزير ۽ ٽي ڀيرا وزيراعليٰ رهي چڪو آهي. ڪڏهن به اهو نه ڏٺو ويو آهي ته پارٽيءَ کي ان جي ڏاهپ سان ڪو فائدو حاصل ٿيو هجي. هونئن به سمورين سياسي جماعتن جون قيادتون سمجهن ٿيون ته ڏاهپ، عقل ۽ دور انديشي وغيره جي معاملن ۾ اهي پاڻ ڀريون آهن. قائم علي شاهه جي نياڻي نفيسه شاهه کي به پارٽي ٽڪيٽ جو اهل قرار ڏنو ويو آهي. سانگهڙ مان شازيه مري هڪ ڀيرو وري ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. سکر مان سيد خورشيد شاهه ۽ ان جا ٻيا رشتيدار ٻيهر اهل تصور ڪيا ويا آهن. خيرپور ۾ منظور وساڻ ۽ نواب وساڻ ٽڪيٽ لاءِ اهل نه سمجهيا ويا پر منظور وساڻ جي پٽ بئريسٽر هالار کي صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. باقي رهيو نواب وساڻ، ته اهو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ اهو پارٽيءَ کي خاطري ڪرائي رهيو آهي ته ٽڪيٽ ملي يا نه ملي، هو آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سان گڏ بيٺل آهي. ان کانسواءِ ان وٽ ٻيو ڪو متبادل رستو به ڪونهي. گذريل برساتن کانپوءِ خيرپور شهر ۽ ضلعو انهن علائقن ۾ شامل هئا، جيڪي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا هئا. اڃان تائين تمام گهڻا ٻهراڙيءَ جا علائقا پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن. سمورا چونڊيل نمائندا غائب هئا، ان باوجود پارٽيءَ اڳوڻن ميمبرن کي ئي ٽڪيٽون “عنايت” ڪيون آهن. منظور ۽ نواب وساڻ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جي ڪري ٻئي ٽڪيٽ کان محروم ٿي ويا آهن.

ٽڪيٽ کان محروم ٿيندڙن ۾ اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه جي قومي اسيمبليءَ واري تڪ مان چونڊيل سڪندر راهپوٽو ٽڪيٽ کان محروم ڪيو ويو آهي. هن پنهنجي تڪ ۾ مراد علي شاهه سان لاڳاپن سبب وزيراعليٰ وانگر حڪمراني ڪئي هئي. سمورا ئي ٽڪيٽون ماڻيندڙ ماڻهو علائقن ۾ پنهنجي دولت جي بنياد تي اثر رکڻ جي ڪري انهن جي ڪاميابيءَ جا امڪان چٽا آهن. ظاهري طور تي انهن اميدوارن جي ناڪاميءَ جو ڪو سبب نظر نٿو اچي. چونڊن جي ميدان ۾ سمورن سياسي مخالفن وٽ مضبوط اميدوار نظر نٿا اچن. مختلف سياسي جماعتن تي مشتمل اتحاد گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) پنهنجي دعوائن جي باوجود اڃان تائين سرگرم نه ٿي سگهيو آهي. ان کي ڪنهن حد تائين لاڙڪاڻي مان جمعيت علماءِ اسلام جي راشد محمود سومري ڪنهن حد تائين سرگرم بڻائي رکيو آهي. راشد محمود سومري سان بظاهر مقابلي جي صورت ۾ بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۽ ڀر واري قمبر واري سيٽ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. آصف علي زرداري نوابشاهه ضلعي مان قومي اسيمبلي لاءِ اميدوار آهي. بلاول جي هڪ پڦي عذرا بينظيرآباد مان ۽ ٻي پڦي فريال ٽالپر لاڙڪاڻي مان صوبائي اسيمبلي جون اميدوار نامزد ڪيون ويون آهن. هالا جي مخدوم جميل الزمان ۽ انهن جي پٽن تي موٽروي جي تعمير ۾ سرڪاري رقم ۾ گهوٻين جي الزام باوجود کين ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن. پارٽي مخدومن کان ڊنل رهندي آهي ته مخدومن جي مخالفت ان کي مهانگي پئجي سگهي ٿي. شڪارپور ۾ جي ڊي اي جو غوث بخش مهر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو هو. پارٽي ان جي هڪ پٽ شهريار کي ٽڪيٽ ڏني آهي. شهريار اڳوڻي اسيمبلي ۾ پارٽي مخالف ميمبر هو ۽ پارٽي کي ان رڪ جا چڻا چٻرايا هئا. ٻيو پٽ عارف جيڪو شڪارپور ضلعي جو ناظم به رهي چڪو آهي ان کي به اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. غوث بخش چونڊن جي سياست مان عملي طور تي دستبردار ٿي ويو آهي. جي ڊي اي کي گهوٽڪي جي علي گوهر خان مهر جي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سان به نقصان پهتو آهي. هيءَ اليڪشن جي ڊي اي کي ان لحاظ کان به ڏکي پئي پوي ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ ان وٽ بااثر اميدوار ئي نه آهن ۽ اثر نه رکندڙ ماڻهو چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي ڏاهپ ئي نه ڏيکاري سگهندا، ڇو ته انهن وٽ جيڪڏهن پئسن جي ڪمي آهي ته کين اهڙن ساٿين جي کوٽ جو مسئلو سامهون آهي، جيڪي چونڊن ۾ اميدوار جا ڀرجهلا هوندا آهن. پاڪستاني سياست ۾ سياسي پارٽين جو ڪردار ختم ٿي چڪو آهي، جنهن جو شڪار پيپلز پارٽي، نواز ليگ، عوامي نيشنل پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام، متحده قومي موومينٽ پاڪستان وغيره آهن. تحريڪ انصاف کي استثنا حاصل نه آهي. عمران خان وزيراعظم هجڻ سان گڏوگڏ ڊگهي عرصي کان عملي سياست جو حصو رهيو آهي پر ان به پنهنجي پارٽي کي ڪنهن حد تائين منظم نه ڪيو هو. کيس جيڪا حمايت حاصل آهي، اها حادثاتي آهي ۽ ان حادثي جو سبب مخصوص سياسي اڳواڻن جي اجارا داري آهي ۽ ان معاملي ۾ به سياسي جماعتن جو غير منظم ۽ غير موثر هجڻ شامل آهي. عملي طور تي اهي غير فعال سياسي جماعتون آهن. جمهوريت جو راڳ ته سڀ ڳائيندا آهن پر انهن وٽ جمهوريت پري پري تائين نظر نٿي اچي. اها ڪهڙي سياسي جماعت آهي، جنهن جو ماڻهن سان ڪنهن صورت ۾ به رابطو ٿيندو هجي! سياسي جماعتون ڪوشش ئي نٿيون ڪن. ماڻهن سان گڏ فڪري ويهڪن جو رواج ئي ختم ڪيو ويو آهي. شهري علائقن ۾ ڪم ڪندڙ سياستدان هجن يا ٻهراڙي جي علائقن سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻ هجن، سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته عوام انهن کي ڏسي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر انهن ڏانهن ايندا ۽ اهي چونڊجي ويندا. ان سوچ ۾ چونڊ نتيجن ۾ انجنيئرنگ جو پڻ عمل دخل آهي. ان سڄي صورتحال ۾ البته جماعت اسلامي وڏي حد تائين منظم آهي. ان کي سمجهدار ڪارڪنن جي سهولت حاصل آهي پر عوام ۾ مقبوليت ۽ پذيرائي حاصل نه آهي. جماعت ڪراچي ۾ پنهنجي مقبول اڳواڻن کي اميدوار بڻايو آهي. ڪراچي ۾ ان جو انتهائي فعال اڳواڻ نعيم الرحمان قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن تان اميدوار نامزد ٿيو آهي. ان جي ڪاميابي جا ٻنهي تڪن مان امڪان آهن.