‘ن’ ليگ جي پارٽي قائد نواز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي بلوچستان ڇا پهتو، ان جو ٿيلهو ئي ڀرجي ويو. پاڻمرادو جلاوطني کانپوءِ هو 21 آڪٽوبر تي لاهور پهتو هو. ان کانپوءِ اهو ان جو پنجاب کان ٻاهر ڪنهن علائقي جو پهريون دورو هو. ان دوري ۾ هن سياسي تترن ۽ ٻٽيرن جو شڪار ڪيو. جيڪي سياسي رهنما “شڪار” ڪيا ويا، انهن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ڄام ڪمال، اڳوڻو اسيمبلي ميمبر سليم کوسا، نور محمد دمڙ، ربابه بليدي، اڳوڻو وزير سردار عبدالرحمان کيتران، محمد خان لهڙي، سردار مسعود لوني، سردار فتح محمد حسني، مجيب الرحمان محمد حسني، مير عاصم ڪرد، مير دوستين ڊومڪي، شعيب نوشيرواني سميت بلوچستان عوامي پارٽي، بي اين پي مينگل، نيشنل پارٽي ۽ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ٽيهن کان وڌيڪ اهم شخصيتون شامل آهن. انهن ماڻهن ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ڪوئيٽا جي سڀ کان مهانگي سيرينا هوٽل ۾ محفل منعقد ڪئي وئي، جتي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا هئا.
سيرينا اهم شخصيتن جي ترسڻ جو ٺڪاڻو هوندو آهي، ان ڪري سيڪيورٽي سخت هوندي آهي. ايتري سيڪيورٽي، جو پکي به پر هڻي نٿو سگهي. هونئن به بلوچستان جي موجوده صورتحال ۾ غير بلوچي، خاص طور تي پنجاب سان تعلق رکندڙن کي پنهنجي حفاظت جو خاص خيال پاڻ ئي رکڻو پوندو آهي.
مسلم ليگ (ن) جي قائد جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد شموليتي پروگرام جي حوالي سان اربع واري ڏينهن ڪوئيٽا پهتو هو، جتي ان سان اڳوڻن وڏن وزيرن، اسيمبلي جي اڳوڻن ميمبرن سميت ڪئين ڊزن اهم شخصيتن ملاقاتون ڪيون. ان کانپوءِ اڳوڻي وزير خان محمد جمالي، فائق جمالي، غفور لهڙي، شعيب نوشيرواني، زين مگسي، محمد خان، شير گل خلجي، حاجي برڪت رند، شوڪت بنگلزئي، عطاءُ الله، مير انور شاهواڻي، سردار علي حيدر ايم حسني، جعفر ڪريم بنگار، سردار زاده ادريس تاج، آغا فيصل احمد زئي، ملڪ شهريار، امين ايم حسني ۽ حاجي نور الله لهڙي، سعيدالحسن، عاطف سنجراڻي، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، ڊاڪٽر محمد ايوب بلوچ، مير اسماعيل بلوچ، مير طارق بگٽي، بسنت لال گلشن، محمد ڪاشف، مصلح الدين مينگل، دائود شاهواڻي، سردار نعمت الله تمراڻي بزنجو، سردار زاده مير اخلاق ڪدراڻي، سردار زاده محمد عالم خان تمراڻي بزنجو ۽ ٻيا به مسلم ليگ (ن) جو حصو بڻجي ويا. نواز شريف جي ڪوئيٽا ۾ “باپ”، نيشنل پارٽي، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون، جنهن ۾ شهباز شريف، مريم نواز، رشيد پرويز ۽ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي سميت ٻيون شخصيتون موجود هيون.
جهڙي ريت پاڪستاني سياستدانن جون دليون هر وقت اقتدار لاءِ تڙپنديون رهن ٿيون، اهڙي ريت بلوچستان جي سياسي شخصيتن جو ڊگهي عرصي کان اهو وطيرو رهيو آهي ته اهي “اڏامڻ” لاءِ بيقرار هوندا آهن.
جڏهن انهن کي سندن من پسند ٺڪاڻو نظر ايندو آهي ته اهي اتي ويهي رهندا آهن. تيز رفتاريءَ سان سياسي وفاداريون تبديل ڪندڙن کان ڪير به اهو پڇڻ وارو نه آهي ته بلوچستان ۾ جنهن قسم جي، جنهن انداز ۾ دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي موجود آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ اهي ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڇو نٿا ڪن!
جڏهن ڏسو دهشتگردي جي لهر اڀري ٿي ۽ عسڪريت پسند دهشتگرديءَ جو کليو مظاهرو ڪندا آهن. اهي دهشتگرد پڪڙيا ڇو ڪونه ٿا وڃن؟ انهن کي ڪهڙن ماڻهن جي پشت پناهي حاصل آهي؟ انهن جي کلي نشاندهي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ڇا سيڪيورٽي فورس جي جوانن جي ئي ذميواري آهي ته اهي پنهنجون جانيون قربان ڪندا رهن؟
شموليت واري ان خصوصي پروگرام جي باري ۾ پيپلزپارٽي ۽ ڪجهه ٻين اهم شخصيتن سخت رد عمل جو اظهار ڪيو. نامياري وڪيل ۽ سياستدان لطيف کوسا نهايت ترش لهجي ۾ چيو ته، “اهو ناني ويڙهو آهي،
ڇو ٿا مذاق ڪريو؟ ڇو پيا اليڪشن ڪرايو؟ جڏهن توهان هڪ معاهدو ڪري آيا آهيو ڪنهن کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ڪرڻ جو ته بس فرمان جاري ڪري ڇڏيو. عوام کي ڇو پيا پاڳل بڻايو؟
ڇو پيا اهو ڍونگ ڪريو؟ ڇو پيا هن قوم جا اربين کربين رپيا خرچ ڪرايو؟ جڏهن ڊيل ڪري آيا آهيو ته پنجاب ڪنهن کي ڏيڻو آهي، بلوچستان ڪنهن کي ڏيڻو آهي، خيبر پختونخوا ڪنهن کي ڏيڻو آهي ته پوءِ ڏيئي ڇڏيو ۽ پنهنجي وڏيرائپ قائم دائم رکو”. بلوچستان جي هڪڙي اڳوڻي وڏي وزير ثناءُ الله زهري به رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.
ان جو چوڻ آهي ته هن نواز ليگ کي اصولن تي ڇڏيو هو. سندس چوڻ آهي ته، “مون سان انهن جو رويو غير انساني ۽ غير اخلاقي هو.” هڪ چئنل ته ‘ن’ ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي ماضيءَ جي گفتگو تي ٻڌل هڪ ڪلپ به هلائي، جنهن ۾ هوءَ چئي رهي هئي ته: “اهي ماڻهو سمجهن ٿا ته بلوچستان جي عوام کي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو ڪو حق ڪونهي.
انهن جي وزيراعليٰ ۽ وزيرن جو فيصلو بلوچستان جو عوام نه، ڪو ٻيو ڪندو. رات وچ ۾ “باپ” ۽ “ماءَ” جي نالي سان پارٽيون ٺهن ٿيون، اهي هڪ ٻار کي جنم ڏين ٿيون، ۽ ٻئي ڏينهن اهو ئي ٻار وڏ وزارت جي ڪرسيءَ تي ويهاريو وڃي ٿو.”
بلوچستان اهو ئي صوبو آهي، جتان 2013ع جي حڪومت جي قلعي مان پهرين سِر ڪڍي وئي هئي. اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي مارچ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) جي ڪجهه اسيمبلي ميمبرن پنهنجين پارٽين کان بغاوت ڪري صوبي مان نواز ليگي حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) ٺاهي ان جي حڪومت جوڙي هئي.
‘ن’ ليگ جي ان صوبائي حڪومت جي خاتمي ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري پڻ اسٽيبلشمينٽ جي ڀرپور مدد ڪئي هئي. ميان نواز شريف جي حڪومت آصف زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ الجهائي رکيو. آصف زرداري بلوچستان حڪومت جي خاتمي ۾ ڪردار ادا ڪري پنهنجي طور تي پلاند ڪيو. جڏهن آصف زرداري جي توقعات جي ابتڙ بغاوت ڪندڙن پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ بدران “باپ” (پارٽي) ٺاهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت کي سمجهه ۾ آيو ته هو استعمال ٿي ويا آهن.
پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته ملڪ سان 70 سالن کان ٿيندڙ کيڏ کي هاڻي ڪٿي نه ڪٿي اسان کي فل اسٽاپ ڏيڻو پوندو. ايبٽ آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي خيبر پختونخوا کي شناخت ڏني. سندس چوڻ هو ته پراڻن سياستدانن کي هاڻي گهر ويهارڻو پوندو ۽ چوڻو پوندو ته توهان هاڻي آرام ڪريو، پاڻ ۾ دشمنيون ايئن ئي هلنديون رهيون ته عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا.
سندس اهو به چوڻ هو ته ڪنهن کي لاڏلو بڻجڻو آهي ته اهو عوام جو لاڏلو بڻجي. پراڻي سياست جنهن 2008ع ۾ ملڪ کي تباهه ڪيو، اها ئي سياست ٻيهر قبول نه ڪنداسين. پاڪستان ۽ ان جي ترقي جو سڀ کان وڏو دشمن اها ئي پراڻي سياست آهي. اسان ڪيستائين پراڻيون شيون ٻيهر ورجائيندا رهنداسين؟ پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙي تبصرو ڪيو آهي ته بلوچستان ۾ ماڻهن کي، مختلف جماعتن جي سياسي ماڻهن کي ٽوڙي نواز ليگ سان ملايو پيو وڃي، جيڪو عمل ڪنهن جي اشاري تي ٿيندي نظر اچي ٿو. هن تماش گاهه ۾ سياستدان ڏسي چڪا آهن ته هڪلي آندا ويندڙ نام نهاد سياسي ماڻهو ڪنهن جي به ڪم ناهن آيا.
انهن ماڻهن نواز شريف کي دوکو ڏنو، آصف زرداري کي دوکو ڏنو، عمران خان جي هاٿين سان جنهن نموني اٽڪيا، اهو حيران ڪندڙ ۽ افسوسناڪ هو. هاڻي وري نواز شريف پنهنجي دل ۾ چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ اڀرندڙ خواهش کي هن ملڪ جي مستقبل خاطر دٻائي. انهن سياستدانن کي، جيڪي ماضيءَ ۾ اقتدار ۾ رهي چڪا آهن، پنهنجي خواهشن تي اقتدار ۾ بار بار اچڻ جي حوالي سان ضابطي ۾ رکڻ گهرجي ته جيئن هي ملڪ صحيح ملڪ بڻجي سگهي، ٻي صورت ۾ هي ملڪ جمهوريت جي اهڙي گاڏيءَ تي هلي رهيو هوندو، جنهن جو عوام جي حق ۾ ڪوبه نتيجو نه نڪرندو.