تل ابيب(م ڊ) اسرائيل جي شهر تل ابيب جي ڏکڻ ۾ بيت يام جي علائقي ۾ 3 بسن اندر ڌماڪا ٿيا، گاڏيون تباهه ٿي ويون، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اولهندي ڪناري ۾ وڏي آپريشن جوحڪم ڏئي ڇڏيو. اسرائيلي پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگرد حملوهو، الجزيره ٽي وي موجب ڌماڪو بيٺل بسن ۾ ٿيا بسن ۾ لڳل ڌماڪيدار مواد کي ريموٽ ڪنٽرول سان اڏايو ويو، ڌماڪن ۾ ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع نه مليا.