لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) گنيز ورلڊ رڪارڊ هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هڪ شخص پنهنجي پيٽ تي رکيل هنداڻن کي واري واري سان رکي تلوار سان ڪٽي رهيو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب اداري طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ هڪ شخص کي هنداڻن کي پنهنجي پيٽ تي رکي تيز رفتاري سان ڪٽيندي ڏيکاريو ويو آهي، رڪارڊ هڪ منٽ ۾ وڌ ۾ وڌ هنداڻن کي پيٽ تي رکي ڪٽڻ جو هيو. وڊيو ۾ اسان اشريٽا فرمين نالي هڪ شخص کي ميز تي ليٽيل ڏسي سگهون ٿا، ته اهو ڪيتري صفائي سان وڌ کان وڌ هنداڻن کي پيٽ تي رکي تلوار جي مدد سان وچ مان ڪٽي رهيو آهي، جيتوڻيڪ هن اهو رڪارڊ 2018ع ۾ قائم ڪيو هيو، پر ان جي ڪارنامي کي ان وقت تازي دلچسپي ملي، جڏهن گنيز ورلڊ رڪارڊ ڪجهه ڏينهن اڳ فوٽيج جاري ڪيو، انسٽاگرام ريل کي هيل تائين 1.7 ملين ويوز ملي چڪا آهن.