تلھار(ن پ ا) تلھار لڳ دڪو اسٽاپ جي رھواسين ڪولھي برادري جي ماڻھن پاران نينگري شريمتي  ڀينا ڪولھي کي بااثرن پاران مبينا اغوا  ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي،انھي موقعي تي نينگري جي والد چندر ڪولهي   مگھن، کيرو ڪولھي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته اسان جي 12 سالا نياڻي ڀينا ڪولھي جيڪا ٻني تي گاھه ڪري رھي ھئي ته تر جي کوسا برادري جي ماڻھن کيس زوري اغوا ڪيو، جنھن تي اسان هنن جي  گھر وٽ ڌرڻو ھنيو ته تر جي بااثر ماڻھن اسان کي خاطري ڪرائي ته توھان کي توھان جي نياڻي واپس ملندي پر بااثر اسان کي آسرا ڏيئي ھاڻي جواب ڏيئي ڇڏيو آھي ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن تي ڪٿي به احتجاج ڪندا ته اوھان کي نه ڇڏينداسين ۽ اسان اھڙي رپورٽ ٿاڻي تي به ڪئي آهي.  ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان گھر ڪئي آھي نوٽيس وٺي بااثر  جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري نياڻي بازياب ڪرائي ڏني وڃي. ٻئي طرف ذريعن موجب نينگري مذهب مٽائي شادي ڪئي آهي، جنهن جو ڪيس سيشن ڪورٽ بدين ۾ هلي پيو.