تلھار (ن پ ا) تلھار ۾ ڳوٺاڻن  سيفل موري ۽ روڊ  مرمت نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪيو.  ڳوٺ گل محمد مغل، امين محمد سمون، آمون سومرو، الله بخش عمراڻي، ڊاڪٽر غلام رسول ملاح ۽ پير ذاڪري جي ڳوٺاڻن تلهار پهچي  احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ديدار سمون، منصور مغل، بابو سومرو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته سيفل موري جيگذريل 30 سالن کان ڪا به مرمت ناهي ٿي جڏهن ته روڊ به ھنڌان ھنڌان اکڙي ويا آهن، جنھن جي ڪري سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھيون.  ھنن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽  چونڊيل نمائند کان گھر ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي تلھار کان سفل موري ۽  لنڪ روڊ نئين سر مرمت ڪرائي ڏنا  وڃن