تلهار(ن پ ا) تلهار لڳ ڳوٺ ڪرم خان دلواڻي واسين بجلي بحال نه ٿيڻ تي حيدرآباد- بدين هاءِ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڳوٺاڻن موجب اسان بل پياري ويا آهيون، تڏهن به بجلي نٿي بحال ڪئي وڃي، جڏهن ته حيسڪو انتظاميا رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن ڳوٺ تي لکن رپين جي رهتون آهن، وفاقي حڪومت جي احڪامات تي عمل ڪندي لائيٽون ڪٽيون آهن، پنهنجا بل پيارين  ته حيسڪو پابند آهي لائيٽ لڳائي ڏينداسين.