بدين/تلهار (رپورٽر+ن پ ا) تلهار ۾ گونگن، ٻوڙن ۽ معذورن جو احتجاج، بک هڙتال خبر موجب تلهار ۾ معذور ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف گونگا اتحاد ۽ معذور ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي گونگن، ٻوڙن ۽ معذورن گڏيل طور تي پريس ڪلب اڳيان ڇهين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال جاري رکي، بک هڙتال کي خطاب ڪندي رمضان، رزاق، غازي، پپن ۽ چيو ته احتجاج کي 6 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر انتظاميه جي ڪن تي جون به ناهي چري، معذور ڪوٽا تحت وظيفو ۽ نوڪريون نه مليون ته تحريڪ هلائبي.