تلھار(ن پ ا) تلهار  لڳ سعيد پور ھاءِ اسڪول گرائونڊ  تي 10 اوورن تي مشتمل ون ڊي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ميگا فائنل منعقد ٿيو، جتي سھتا ڪرڪٽ ڪلب راڄوخاناڻي  ۽ جتوئي ڪرڪيٽ ڪلب تلھار جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، ٽورنامينٽ ۾ تلھار سميت پسگردائي جي 7 ٽيمن حصو ورتو، مسلسل 15 ڏينھن جي محنت کان پوءِ سھتا ڪرڪيٽ ڪلب راڄوخاناڻي  ۽ جتوئي ڪرڪيٽ ڪلب تلهار  وچ ۾  فائنل دلچسپ مقابلو  ٿي گذريو، جنھن ۾ سھتا ڪرڪٽ ڪلب جتوئي ڪرڪيٽ ڪلب تلھار کي اٺن رنسن تان شڪست ڏيئي ميدان ماري ونر ٽرافي پنھنجي نالي ڪري ورتي، جڏھن ته کٽيندڙ ٽيم جي رانديگرن جي حوصلا افزائي لاءِ انھن کي اڳوڻي يوسي نائب ناظم عبدالسلام ٿيٻو،وڏيرو ذوهيب ٿيٻو، تعارفي ميڊل سان گڏوگڏ ڪيش انعام پڻ ڏنا ويا، جنهن مين آف دي ميچ اڪبر سهتو کي ايوارڊ ۽ ڪيش پرائيز ڏنو ويو، ٽيم جي ڪئپٽن ساحل سهتو کي ٽرافي ڏني ويئي.