تلهار(ن پ ا) معذور ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف معذورن 27ڏينهن به پريس ڪلب تلهار اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال جاري رکي، ان موقعي تي معذورن غازي لغاري، پپن خواجا، عباس علي، رمضان علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته حڪومت طرفان معذور ڪوٽا هجڻ باوجود اسان کي معذور ڪوٽا نٿي ڏني وڃي ۽ نه ئي وظيفو ٿو ڏنو وڃي، اسان جا ٻچا ڀلاري مهيني ۾ به بکون ڪاٽي رهيا آهن، جڏهن ته معذورن سان همدردي طور شهيد ڀٽو اڳواڻ محمد علي عرف گڊو شاهه، مگهن لال ڪئمپ تي پهتا، هنن مطالبو ڪيو ته ضلعي انتظاميا هنن جا جائز مسئلا حل جلد ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي.