بدين/تلهار(رپورٽر+ن پ ا) تلهار جي معذور ايڪشن ڪميٽي ۽ گونگا اتحاد طرفان پريس ڪلب تلهار اڳيان ٽئي ڏينهن به گونگن، ٻوڙن ۽ معذورن علامتي بک هڙتال جاري رکي احتجاج ڪيو، معذور اڳواڻ هاشم واڍو، غازي لغاري، مصطفي مگڻهار، پپن خواجا ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان کي معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نٿيون ڏنيو وڃن، سنڌ حڪومت سميت ضعلي انتظاميا معذور ڪوٽا تي عمل نٿي ڪري بيت  المال سميت بي آءِ ايس پي جو وظيفو به اسان کي نٿو ملي، روزگار جا وسيلا نه هجڻ سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، معذور ڪوٽا تحت روزگار ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي، اسان جا جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته علامتي بک هڙتال ۽ احتجاج جاري رهندو.