تلهار(ن پ ا) تلهار تعلقي جي معذور ڪوٽا تي عمل نه ٿيو، گونگا اتحاد ۽ معذور ايڪشن ڪاميٽي تلهار طرفان ڏهين ڏينهن تي احتجاج جاري رکيو، معذورن گاھه کائي انوکو احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرائي پريس ڪلب تلهار اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال  جاري رکي، ان موقعي تي رمضان ڪڇي، مصطفي مگڻهار، غازي لغاري، هاشم شيخ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 10ڏينهن گذرڻ باوجود اسان جي احتجاج جو ڪنهن به نوٽس ناهي ورتو، اسان جي گهرن ۾ فاقا ڪشي آهي، 10ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر اسان جي احتجاج جو نوٽس وٺي اسان کي معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ۽ وظيفو ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي، جيسيتائين مطالبا حل نه ٿيندا احتجاج جاري رهندو.