تلهار(ن پ ا) تلهار ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ معذورن جو احتجاج خبر موجب تلهار ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ معذورن اٺين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ تي بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته احتجاج ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن مظھر حسين ڪھيري، افتخار لغاري، سورج ابڙو ۽ شوڪت عمراڻي به يڪجهتي طور شريڪ ٿيا، ان موقعي تي معذورن چيو ته اسان کي معذور ڪوٽا تحت نوڪريون ۽ زڪوات توڙي بينظير انڪم سپورٽ پرگرام تحت وظيفا جاري ڪري اسان جي ٻچڙن کي فاڪا ڪشي کان بچايو وڃي.