تلهار (ن پ ا) تلهار لڳ اڪرم واهه مان نڪرندڙ صيفل موري جي زبون حال ٿيل پل جي جي نئين سر تعمير نه ٿيڻ خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ شهرين پير علي احمد شاهه، زائف جوڻيجو، ڊاڪٽر شمس ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صيفل موري پل آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، اڳواڻن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان زبون حال بڻيل پل جي مرمت ۽ نئين سر تعمير نه ٿين سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان رابطو ڪٽيل آهي، جيڪا انتهائي ناانصافي آهي، اسان حڪومت سندهه، پ پ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين کان مطالبو ٿا ڪريون ته پل جي نئين سر تعمير ڪرائي هتان جي رهواسين کي رليف ڏنو وڃي.