بدين/تلهار(رپورٽر+ن پ ا) تلهار لڳ ڳوٺ سومرو ڪلوئي جي رهواسين  يامين، محمد شريف عرف بالاچ ڪلوئي ۽ ٻين بااثرن جي ڏاڍ خلاف پريس ڪلب تلهار پهچي  احتجاج ڪندي الزام هنيو ته اسان جي زرعي زمين ديھه ڏومر  ۾ آهي، بااثر آصف ڪلوئي ۽ ايوب ڪلوئي 3 ايڪڙ زرعي زمين تي ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، اسان هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي آهي، اسان کي  زرعي زمين شهيد ذوالفقار ڀٽي طرفان ڏني وئي هئي، جيڪا اسان جي قبضي هيٺ آهي پر مخالف اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ايس ايس پي بدين، ڊپٽي ڪمشنر بدين، اسسٽنٽ ڪمشنر تلهار بااثر خلاف ڪارروائي ڪري صاف شفاف جانچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.