تلهار (ن پ ا) تلهار لڳ  ڳوٺ درياءَ خان خاصخيلي جي رهواسين  پاران مختيار خاصخيلي، عزيز، منٺار صديق ۽ ٻين جي  بازيابي لاءِ  حيدرآباد بدين هاءِ وي تي تلهار اسٽاپ  تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب ڪراچي، بدين، مٺي، پنگريو ۽ حيدرآباد ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن راجا خواجا، مظهر ڪهيري، علي غلام آزاد، افتخار لغاري ۽ ٻين الزام هنيو ته هوسڙي پوليس اسان جي ماڻهن کي مبينا اغوا ڪيو آهي، هنن ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ حيات خاصخيلي جو نوجوان مختيار خاصخيلي  هوسڙي جي ناري تسليم راجپوت سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جڏهن ته گذريل 9 ڏينهن کان اسان جي ماڻهن کي ٺٽي سجاول جي حد مان مبينا اغوا ڪري ويا آهن، خدشو آهي هوسڙي پوليس اسان جي ماڻهن کي جعلي مقابلو ڏيکاري قتل ڪندي ٻئي پاسي تلهار پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري گم ٿيل ماڻهن جي جلد بازيابي جي خاطري تي روڊ کولرائي ڇڏيو.