تلھار (ن پ ا) بدين ضلعي اندر وڌندڙ ڏوھن، جنهن ۾ منشيات، جوا، آڪڙا پرچي، ڦرون ۽ چورين خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي تلهار جي ڪارڪنن ضلعي اڳواڻ مظھر حسين ڪيھري، ڪائونسلر محمد رفيق سمون، شوڪت عمراڻي، محمد شريف ۽ اسلم سونارو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تلهار اڳيان ٽن ڏينهن لاءِ علامتي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري ورتي، جتي ڪارڪنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي پر امن ضلعي بدين ۾ ھن وقت منشيات فروشي موٽر سائيڪلن جون چوريون ڦرلٽ جون وارداتون عام ٿي ويون آھن جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس جي ذميواري آھي پر ھتي پوليس جا ڪجھ ڀتا خور آفيسر ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آھن جنھن ڪري پر امن رھندڙ ضلعي بدين ۾ ڏوھاري سرگرميون وڌي ويون آھن، ھن چيو ته بدين ضلعي جي ڏوھارين سميت ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خلاف سخت آپريشن ڪري معصوم نياڻي پريا ڪماري ۽ سمورن يرغمالين کي فوري طورتي آزاد ڪرايو وڃي.