تلھار(ن پ ا) تلهار ڀرسان ڳوٺ لونگ شيدي ۾ شادي جي خوشي ۾ بندوق جا هوائي فائر ڪرڻ تي  ڇرا  لڳڻ سبب 12 ورهين  جو سنينگر راحب قمبراڻي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته  نوجوان غلام قمبراڻي ۽ نينگر زاھد ملاح زخمي ٿي پيا، فوتي نينگر جو لاش ۽ زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر تلھار پهچايو ويو،  جتي زخمين کي طبي امداد ڏئي گهر روانو ڪيو ويو، جڏھن ته فوتي نينگر جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،س اطلاح تي تلھار پوليس سول اسپتال پھچي واقعي جي رپورٽ داخل ڪري وارثن کان بيان وٺي چاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.