تلهار/ پيرولاشاري (نمائندن وٽان)  پيرولاشاري لڳ  مورجهر شاخ کي ڳوٺ مٺو ٻٻر ڀرسان 21 آرڊي وٽ   20 فوٽ کان مٿي گهارو پئجي ويو. جنهن سبب سوين ايڪڙ زرعي زمين  پاڻي هيٺ اچي وئي آهي . گهاري پوڻ جا اطلاع ڏيڻ باوجود ايريگيشن عملو گهاري واري ھنڌ نه پهچي سگهيو آهي. گهارو تيزي سان وڌڻ لڳو آهي، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ ڪري گهاري ٻڌڻ ۾ مصروف آهن، پر گھارو اڃان تائين ٻڌجي ناهي سگهيو ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته  ھڪ ته پاڻي جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي 6 مھينن کان پاڻي ناهي ملي مس مس پاڻي جو وارو ملي سگهيوآھي ٻيو ته ايريگيشن وارن شاخن جي ڪپرن تان مٽيءَ وڪرو ڪري ڇڏين ٿا جنهن جي ڪري شاخن کي گھارا لڳڻ معمول بڻيل آهن. ھنن ٻڌايو ته ايريگيشن عملي کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي ڳوٺاڻن  اعلي عملدارن کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته مورجھر جي کاٽي ڪرائي ڪپر مضبوط ڪيا وڃن.