تلھار( ن پ ا) تلھار ڀرسان ڳوٺ مراد ٽالپر ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڀائرن ۽ سئوٽن جو پاڻ ۾ مبينه جھيڙو ، جنھن جي نتيجي ۾ 76 سالن جو ريٽائرڊ پرائيمري استاد امام بخش ٽالپر دل جي دوري اچڻ ڪري اسپتال نينئندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، ان موقعي تي فوتي استاد جي پٽ امين ٽالپر چيو ته منھنجي چاچي شفيع محمد ۽ سندس پٽ عبدالحميد ٽالپر منھنجي پيرسن پيءَ کي ماريو آھي اسان سان وڏو ظلم ٿي ويو آھي، جڏھن ته واقعي جو اڃان تائين ڪو به ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو ۽ نه ئي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آھي