بدين(رپورٽر ) تلهارمان هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل هندو نينگري شريمتي بيني ڪولهي کي تلھارپوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي،نينگري جي وارثن ۽ آل هندو پنچائت پاران ايوان صحافت بدين اڳيان آحتجاجي مظاھروڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرو ڪندڙن نينگري جي پيءُ چندر ڪولهي ماءُ شريمتي مروا ڪولھي،فقير شوا ڪڇي،سيوجي ڪولھي شمڀو ڪولهي،پريمو ڪولهي، ميگھوڪولهي،شومو ڪولهي وشنو ڪولهي،ڀورو جڳديش ڪولھي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان ھندو برادري سان وڏو ظلم آھي تلھارجو بااثر ايم پي اي بااثرن جوابدارن جي پٺ ڀرائي ڪري رھيو آھي،ھنن چيو ته اغوا ٿيل نياڻي جي تلهار ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ٿيل آهي پر تلھار پوليس رشوت عيوض بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي، هنن چيو ته ڊي ايس پي بدين پھچي اسان سان ڳالھيون ڪري ٻن ڏينهن جي مهلت گهري آهي، جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر نينگري بازياب نه ڪرائي وئي ته ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو،