بدين (رپورٽر ) تلهار ويجهو هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل 13ورهين هندو نينگري بيني ڪولهي کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي، وارثن چندر ڪولهي، شمڀو ڪولهي، سيوجي ڪولهي، پريمو ڪولهي، ميگو ڪولهي، شومو ڪولهي ۽ ٻين ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندن نياڻي 13 ورهين بيني ڪولهي کي کوسا برادري جي بااثر ماڻهن دلبر کوسو، شاهد کوسو، علو کوسو، شهباز رند، موسو، سلطان کوسو، منور کوسو، اياز کوسو ۽ ٻيا زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، جنهن جي اغوا جي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي آهي، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، هنن الزام هڻندي چيو ته تلهار پوليس بااثر ماڻهن جي ونگار وهي رهي آهي، جڏهن ته جوابدارن کي تلهار جي ايم پي اي جو ناٺي پنهجي اوطاق تي ويهاريو ويٺو آهي، جيڪو جوابدارن جي مدد ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته اسان جي نياڻي کي قتل ڪيو ويندو، هنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌجي وڏيوزير، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد، سيشن جج بدين ،ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل نياڻي کي فوري بازياب ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ نينگري جو والد سومر ڏينهن ايس ايس پي آفيس آڏو پنهنجو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندو.