تلهار (ن پ ا) تلهار لڳ  ڳوٺ وصي عادل ۾ نوجوان مٺو ڪولهي گهرو اڻبڻت تان پاڻ کي بليڊن جا جهير ڏئي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن نوجوان کي زخمي حالت ۾ کڻي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو، جتي زخمي کي طبي امداد ڏني وئي، زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب انڊس اسپتال بدين ريفر ڪيو ويو، وارثن موجب نوجوان جذباتي آهي، هن معمولي ڳالهه تان جذبات ۾ اچي انتهائي قدم کنيو آهي.