تلهار/ ڏيئي (رپورٽ: صديق ٿيٻو/ محمد يوسف رستماڻي)تلھار لڳ غلام شاھ روڊ تي سعيدپور ڳوٺ وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۾ هاءِ پريشر لائٽون لڳل هجڻ ڪري 2 موٽرسائيڪلون تيز لائٽون لڳڻ ڪري ٽريڪٽر سان ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ خير محمد رستماڻي واسي هڪ ئي خاندان جا ٽي ڳڀرو جوان تڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 2 نوجوان زخمي ٿي پيا، ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي سوار 3 نوجوان 16 سالن جو عرفان پٽ محمد رمضان رستماڻي، 17 سالن جو زين علي پٽ بشير احمد رستماڻي،17 سالن جو اسد الله پٽ ڏتل رستماڻي تڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته ٻئي موٽر سائيڪل تي سوار عرفان علي ۽ ضامن علي زخمي ٿي پيا، ٽنهي فوتي نوجوانن جا لاش ۽ زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر تلھار منتقل ڪيو ويو، جتي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا مڙهه ڳوٺ خير محمد رستماڻي پهچڻ تي ڪُھرام مچي ويو، حادثي ۾ فوت ٿيل ٽئي نوجوان ھڪ ڪٽنب جا ۽ پاڻ ۾ سئوٽ ۽ ماسات ھئا، ھڪ ئي ڳوٺ ۾ ھڪ ئي ويڙھي ۾ رھندڙ ويجھن گھرن مان ھڪ ئي وقت 3 ڳڀرو نوجوانن جا لاش کڄڻ وقت ڳوٺ جو ماحول سوڳوار بڻجي ويو، جڏهن ته ٽنھي نوجوانن جي جنازي نماز ڳوٺ خير محمد رستماڻي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ رستماڻي برادري سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهن توڙي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ٽنهي نوجوانن جا لاش سندن اباڻي قبرستان غلام شاھ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا.