تلهار (ن پ ا) تلهار لڳ دڪو اسٽاپ تي واپاري سيٺ دولت کان مبينه ڦورو ٽي لک روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا،اطلاع تي تلهار پوليس پهچي ڦورن جو پيڇو ڪيو،جڏهن ته ڦورو رات جي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته واپاري ٻڌايو ته هن کان ٽي لک روپيا هٿيارن جي زور تي ڦر ڪيا ويا آهن، تلهار پوليس واردات واري هنڌ پهچي معائني بعد رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي، ٻئي طرف متاثر احتجاج ڪندي چيوآهي ته فوري طور تي ڦر ڪيل روڪ رقم واپس ڪرائي، ملوث ماڻهو گرفتار ڪيا وڃن.