تلهار (ن پ ا) تلهار شھر جي  شمس گلي ٽالپر محله جو ٽرانسفارمر 8 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ نه لڳي سگهيو آهي، جنهن ڪري عوام  سخت پريشان آهي. مسجدن ۽ گهرن ۾ پيئڻ  جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته حيسڪو انتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي. علائقي واسي احتجاج ڪيو. شهرين ٻڌايو ته شمس گلي وارڊ نمبر 1 ۽ 2 جو ٽرانسفارمر ڪجهه ڏينهن اڳ خراب ڄاڻائي لاٿو ويو جيڪو 8 ڏينهن  گذرڻ کان پوءِ به ٺھي نه سگهيو عوام سخت گرمي ۾ پريشان پاڻي جي به کوٽ  گذريل هڪ مهيني کان شمس گلي جو ٽرانسفامر ڌماڪي سان خراب ٿيڻ معمول بڻجي ويو علائقي واسي حيسڪو تلهار جي آفس جا چڪر بار بار ڪاٽڻ کانپو۽ به بجلي بحال نه ٿي. شمس گلي جي ٽالپر محله جي مير فاروق ٽالپر ارسلان ٽالپر امين ٽالپر خالد ابڙو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته حيسڪو واپڊا تلهار اسان سان گذريل ٻن مهينن کان ظلم ڪري رهيا  آھن گذريل چاليه ڏينهن ۾ ٽي دفع ٽرانسفارمر  کي خراب ٿي چڪو آھي.