ر(رپورٽ: صديق ٿيٻو) تلهار ۾ اليڪشن ڊيوٽي جي آڙ ۾ گاڏي جي وٺ پڪڙ، سموريون گاڏيون بيهاريون ويون، انتظاميا اڳ ۾ ٿيل ٺاهه تا نه ڦري وئي. ڊرائيور رستن تي نڪري آيا. مليل اطلاعن موجب اليڪشن جي ڊيوٽي لاءِ ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر وچ ۾ 40 گاڏين جو ڏيڻ جو فيصلو ٿيو هو جنھن بعد ڊرائيورن 20 گاڏيون ڏيڻ جو يقين ڏياريو، جنهن تي اي  سي تلھار عبدالمنان ڀٽو  سموريون گاڏيون پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو ۽  ايس ايچ او تلهار معرفت گاڏين جا ٽائر ڪڍرائي ڇڏيا، جنهن تي  ڊرائيور احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب تلھار پھتا جتي احتجاج ڪندي ھنن چيو ته اسان غريب ٽيڪسي ڊرائيور سموريون گاڏيون ڏينداسون ته اسان پنھنجن ٻچن جو پيٽ ڪٿان پالينداسين. گهڻيون گاڏيون قسطن تي ورتل آهن جنهن جي قسط نه ملي ته گاڏيون کسجي وينديون. اسسٽنٽ ڪمشنر تلھار هڪ ڊرائيور تي خود تشدد پڻ ڪيو، ڊرائيورن موجب اي سي جو رويو انتهائي غير مناسب هئڻ سبب سمورا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن،  اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هنن چيو ته اڳ به اسان اليڪشن ۾ گاڏيون ڏنيون هيون جنهن جو ڪرايو  اڃا تائين ناهي مليو خالي بيگر ۾ گاڏيون ڪير ڏيندو.