اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خواندگي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته تعليم ۽ خواندگي قومن جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، تعليم ۽ خواندگي اسان جي قوم جي مستقبل جا بنياد آهن،آئين جي آرٽيڪل 25 اي موجب تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي، اسان پنهنجي عهد ڪريون ٿا ته هر شهري کي تعليم فراهم ڪنداسين، پاڪستان ناخواندگي جي مسئلي کي نظر ۾ رکندي قومي تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو آهي. صدر چيو ته تعليمي ايمرجنسي جو مقصد اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ، 7 ڪروڙ بالغ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ آهي، هن چيو ته هر پڙهيل لکيل شهري کي گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڻ پڙهيل ماڻهوءَ کي تعليم ڏي. خواندگي وڌائڻ لاءِ بينظير تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن. مستحق ٻارن کي اعليٰ ثانوي سطح تائين تعليمي اسڪالر شپ جي صورت ۾ مالي مدد ڏني پئي وڃي. سمورن ضلعن ۾ ڇوڪرن لاءِ 4000 ۽ ڇوڪرين لاءِ 4500 في ٽه ماهي وظيفو ڏنو پيو وڃي، هن وقت 97 لک ٻار بينظير تعليمي وظيفا پروگرام مان فائدو وٺي رهيا آهن.