ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ تعليم کاتي پاران 64483 پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز استاد ڀرتي ڪرڻ جي دعويٰ، ڀرتين جو عمل 28 فيبروري تي بند ٿيندو: 55 هزار اميدوار ويٽنگ ۾ ويٺل، نون ڀرتي ٿيل 64483 استادن مان رڳو 48274 استادن جون آئي ڊيز کُلي سگهيون، جڏهن ته 16206 استاد (9 هزار 994 پي ايس ٽيز ۽ 6 هزار 212 جي اِي ايس ٽيز) آءِ ڊيز نه کُلڻ ڪري پگھارون ملي نه سگهيون، ان ڏس ۾ پرڳڻي جي 30 ضلعن جي ڊي اِي اوز (پرائمري ۽ سيڪنڊري ) پاران تعليم کاتي کي اماڻيل ڌار ڌار رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ايس ٽيز جون 43 هزار 469 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 21 هزار 14 ڀرتيون مڪمل ٿي ويون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن جي 7 ضلعن ۾ 5 هزار 374 پي ايس ٽيز ۽ 4 هزار 668 جي اِي ايس ٽيز جون ڀرتيون مڪمل ڪيون ويون آهن. جڏهن ته حيدرآباد ضلعي ۾ پي ايس ٽيز جون 1915 ۽ جي اي ايس ٽيز جون 989، مٽياري ۾ پي ايس ٽيز 1185 ۽ جي اِي ايس ٽيز 462، ڄامشوري ۾ پي ايس ٽيز 951 ۽ جي اِي ايس ٽيز 326، ٽنڊي محمد خان ۾ پي ايس ٽيز 993 ۽ جي اِي ايس ٽيز 246، ٽنڊي الهيار ۾ پي ايس ٽيز 690 ۽ جي اِي ايس ٽيز 409، بدين ۾ پي ايس ٽيز 1937 ۽ جي اِي ايس ٽيز 603، ٺٽي ۾ پي ايس ٽيز 354 ۽ جي اِي ايس ٽيز 617، سجاول ۾ پي ايس ٽيز 542 ۽ جي اِي ايس ٽيز 614، دادو ۾ پي ايس ٽيز 2 هزار 952 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 732، سکر ۾ پي ايس ٽيز جون 1425، جي اِي ايس ٽيز جون 1081، خيرپور ۾ پي ايس ٽيز جون 2412 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 1530، گھوٽڪي ۾ پي ايس ٽيز جون 1975 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 527، لاڙڪاڻي ۾ پي ايس ٽيز جون 2 هزار 484 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 737، قمبر ضلعي ۾ پي ايس ٽيز جون 1206 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 200، شڪارپور ۾ پي ايس ٽيز جون 1387 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 1000 ، جيڪب آباد ۾ پي ايس ٽيز جون 909 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 386 ۽ ڪشمور ۾ پي ايس ٽيز جون 930 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 367، ميرپورخاص ۾ پي ايس ٽيز جون 1954 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 700، عمرڪوٽ ۾ پي ايس ٽيز جون 2058 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 757، ٿرپارڪر ۾ پي ايس ٽيز جون 2317 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 1014، شهيد بينظيرآباد ۾ پي ايس ٽيز جون 2472 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 1160، نوشهري فيروز ۾ پي ايس ٽيز جون 2529 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 883، سانگھڙ ۾ پي ايس ٽيز جون 2772 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 1006 ڀرتيون مڪمل ٿي ويون آهن. واضح رهي ته پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 55 هزار جي لڳ ڀڳ اميدوار ويٽنگ ۾ ويٺل آهن، جن ۾ پي ايس ٽيز جا 26 ۽ جي اِي ايس ٽيز جا 29 هزار اميدوار آهن. جڏهن ته ڀرتين وارو عمل 28 فيبروري تائين جاري رهندو. هوڏانهن پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز طور ڀرتي ٿيل 64 هزار 483 استادن مان صرف 48 هزار 274 استادن جون آءِ ڊيز کُلي ويون، جن جون پگھارون جاري ٿي سگھيون آهن. جڏهن ته 9 هزار 994 پي ايس ٽيز ۽ 6 هزار 212 جي اِي ايس ٽيز جون آءِ ڊيز نه کُلي سگھيون آهن جنهن ڪري کين پگھارون جاري نه ٿي سگھيون آهن. مجموعي طور تي 16 هزار 206 تازو ڀرتي ٿيل استاد پگھارن کان محروم بڻيل آهن.
73 اميدوارن تي مختلف اعتراض لڳا : اسڪروٽني شروع
ڪراچي: پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي 73 اميدوارن تي مختلف اعتراض لڳڻ بعد سندن ڀرتين وارو معاملو اسڪروٽني هيٺ آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي سينٽرل، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي 2_2، ڪورنگي ۽ سکر جي 10_10، ميرپورخاص جي 5، خيرپور جي 19 ۽ شڪار پور جي 11 اميدوارن تي اعتراض هجڻ سبب سندن ڀرتين وارو معاملو اسڪروٽني هيٺ آهي. بدين، ڄامشورو، سانگھڙ ۽ گھوٽڪي ضلعن جي هڪ هڪ اميدوار جي ڀرتين واري عمل تي مختلف اعتراض لڳل آهن. هن وقت صوبي جي 73 اميدوارن جون ڀرتيون روڪي اسڪروٽني ڪئي پئي وڃي.
|
استادن جي ترقين سبب خالي ٿيل 10271 سيٽن تي به ڀرتيون ٿي ويون
ڪراچي: پي ايس ٽيز طور ڀرتي ٿيل 9 هزار 742 اميدوار جي اي ايس ٽيز ٿيڻ ۽ 529 جي اِي ايس ٽيز وري ليڪچرار ٿيڻ سبب جايون خالي ڪري ويا، مجموعي طور تي پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جون وڌيڪ 10271سيٽون خالي ٿيون، جن تي ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن کي ايڊجسٽ ڪيو ويو آهي.