ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي جي اختيارين پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين وارو عمل 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڊي اِي اوز ۽ ڊائريڪٽرن کي خط لکي ڇڏيو، ان حوالي سان اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري خط ۾ هدايت ڪئي آهي ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد خالي جاين تي ڀرتين جي انتظار ۾ ويٺل اميدوارن جي ڀرتين وارو عمل 30 جون تي مڪمل ٿيندو. هوڏانهن پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين دوران شڪارپور جي ڊي اِي او سيڪنڊري محمد شاھ پاران خالي جايون ظاهر نه ڪرڻ تي صوبائي سيڪريٽري پاران کيس نوٽيس جاري ڪري ٽن ڏينهن اندر وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته شڪارپور ضلعي ۾ خالي جايون ظاهر نه ڪرڻ جون شڪايتون مليون آهن، اتي ويٽنگ اميدوارن کي رلايو پيو وڃي، ٽن ڏينهن اندر تفصيلي وضاحت ڪئي وڃي.