ڪراچي: تعليم کاتي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جا ڊائريڪٽر تبديل، ان ڏس ۾ اسڪول ايجوڪيشن ڪراچي جي 20هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر (پرائمري) ارشد بيگ کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر سيڪنڊري ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو، جتان ڊائريڪٽر (سيڪنڊري) فيض جسڪاڻي کي بدلي ڪري ٺري ميرواهه ۾ چيف هيڊ ماستر مقررڪيو ويو. اهڙي طرح ميرپورخاص جي ڊائريڪٽر (پرائمري) لطيف مغل کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر سيڪنڊري حيدرآباد جي خالي عهدي تي مقرر ڪيو ويو