ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ۾ نگران حڪومت ايندي ئي  تعليم کاتي  جي آفيسرن جي چاندي ٿي وئي گريڊ ھڪ کان 4  جي 397 ملازمن کي 11 ھين گريڊ ۾ جعلي ترقيون ڏيڻ جو انڪشاف ،  نگران وڏي وزير جي نوٽيس بعد صوبائي سيڪريٽري  ترقين جو جاري ڪيل آرڊر رد ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ۾ نگران حڪومت اچڻ بعد تعليم کاتي جي اختيارين 5 جنوري تي گريڊ ھڪ کان چار جي ملازمن (لوئر اسٽاف) کي 11 ھين گريڊ ۾ جونيئر ڪلارڪ/ ٽائپسٽ طور ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن خلاف اھل اميدوارن وڏي وزير سميت مختلف اختيارين کي خط لکيا ھئا ـ جن ۾ الزام مڙھيو ويو ھو ته تعليم کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (پرائمري) مسرت نورين، اڪائونٽس آفيسر عمير،  سپرنٽينڊنٽ محمد عارف،  جواد  عمران سولنگي ۽ اظھر ڀٽو  رشوت عيوض سينيئر ملازمن کي نظر انداز ڪري جونيئر ملازمن کي ترقي ڏياري آھي، ڪالهه سيڪريٽري تعليم سموريون ترقيون رد ڪري ڇڏيون، ذريعن موجب  وڏي وزير جي نوٽيس وٺڻ باوجود تعليم کاتي جي سيڪريٽري پاران رڳو ترقين جو نوٽيفڪيشن رد ڪيو آھي، اسڪينڊل ۾ ملوث  عملي خلاف ڪنهن به انڪوائري جو ڪو ليٽر جاري ناھي ڪيو ويو.