ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو انوکو ڪارنامو، پنجاب جو ماستر سنڌ ۾ مقرر! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب هڪ صوبي جي ملازم کي ٻئي صوبي يا هڪ کاتي جي ملازم کي ٻئي کاتي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر ڪرڻ تي عدالت پاران سختي سان پابندي وجهڻ باوجود سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين پنجاب جي عربي ٽيچر جون ٽن سالن لاءِ ڊيپوٽيشن جي بنياد تي خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  پنجاب جي ضلعي ڊيرا غازي خان جي 15هين گريڊ جي عربي ٽيچر سميع الله کي ٽن سالن لاءِ سنڌ  تعليم کاتي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر ڪرڻ بعد کيس ملير ضلعي جي دنبا ڳوٺ واري پرائمري اسڪول ۾ او ٽي ٽيچر طور مقرر ڪيو آهي..