مٽياري/مسوڀرڳڙي(رپورٽر+ن پ ا) تعليم کاتي جو ڪارنامو، مسوڀرڳڙي لڳ ڳوٺ غلام حيدر جويو جي گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال ٿيڻ سبب مرمت جي بجاء تعليم کاتي مٽياري ماڳهين اسڪول کي مستقل طور بند ڪري ڇڏيو، اسڪول جي فرنيچر کي غائب ڪري ايس ايم سي فنڊن جي لکين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي. ان ڏس ۾ رهواسين پاران احتجاج پڻ ڪيو ويو آهي. اسڪول کي ٻيھر نه ھلائڻ، ماسترياڻي مقرر نه ڪرڻ ۽ عمارت جي زبون حالي خلاف سماجي اڳواڻ عبدالقادر وسير، بابو خاصخيلي، پيروز جويو جي اڳواڻي ۾ تعليم کاتي مٽياري ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ھنن وزيراعلا سنڌ سيد مراد علي شاه، صوبائي وزير تعليم سنڌ سيد سردارعلي شاه، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کان مطالبو ڪيو آھي ته ڳوٺ غلام حيدر جويو ۾ بند ڪيل گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جي فوري طور مرمت ڪري 200 شاگردياڻين لاءِ ٽي ماسترياڻيون مقرر ڪيون وڃن، اسڪول لاءِ فرنيچر ڏنو وڃي، ايس ايم سي جا لکين رپيا واپس ڪرايا وڃن، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.