ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير رعنا حسين جو ڪراچي جي مختلف اسڪولن جو دورو، ناقص انتظامن تي ناراضپو ڪالهه صوبائي وزير رعنا حسين گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول هجرت ڪالوني ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪينٽ 2  پهچي انتظامن جو جائزو ورتو، هن تدريسي عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي، صوبائي وزير گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪينٽ 2 ۾ صفائي سٿرائي جي ناقص انتظامن ۽ ملازمن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.