پاڪستان جي تعليمي نظام مان جنهن بنيادي ڳالهه تان هٿ کنيو ويو آهي اها ڪيترن ئي سالن کان مشهور آهي پر هن تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي. نظام کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ته ڪيون ويون هيون ۽ اڃان به جاري آهن ڇوته سرڪاري اسڪولي نظام ۾ رٽو لڳائڻ واري رسم عام هجڻ سان گڏ ان تي حاوي به ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن جي ڪنهن به مضمون ۾ مهارت نه هجڻ جي برابر آهي. اسان جو موجوده امتحاني سرشتو صرف ۽ صرف رٽي تي ڀاڙي ٿو. هن حالت جو اصل ڪارڻ بنيادي طور تي ان ڳالهه تي آهي ته اسان هڪ مضمون کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي لاءِ صرف هڪ درسي ڪتاب تي ڀاڙيون ٿا. سڀئي سرڪاري ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ – ۽ انهن ۾ وري 25 اهڙا آهن، جيڪي اڄ به ساڳي ئي رستي تي هلي رهيا آهن. (ڊاڪٽر ايَ ايڇ نيئر)
ڊاڪٽر ايَ ايڇ نيئر طبيعات جو ماهر آهي، ليکڪ آهي ۽ تعليم، نيوڪليئر سيفٽي ۽ توانائي جي مامرن جي تي آزادي سان مختلف سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن جو صلاحاڪار پڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي لفظن جو سڌو سنئون مطلب هي آهي ته هاڻي محنت ٻارن کي نه پر، استادن کي ڪرڻي پوندي. توڙي جو ڊاڪٽر صاحب جي تنقيد جو هدف اسان جا پاليسي ساز فرد ۽ ادارا آهن پر ساڳي وقت هو اسان کي هي به چوڻ چاهي ٿو ته پڙهڻ، پڙهائڻ، ڪلاس رومن تي ضابطي سان گڏ پرچن کي ٺاهڻ ۾، هاڻي محنت صرف استادن کي ڪرڻي پوندي. دور بدلجي چڪو آهي سو استادن کي به دور سان گڏ هلڻو پوندو. هاڻي استاد هڪ سهولتڪار آهي هر ان ٻار لاءِ جيڪو هن وٽ پڙهي ٿو. ۽ ٻيو هي ته جديد دور جي گهرجن کي سامهون رکندي اسڪولي انتظاميائن کي به هوشيار ٿيڻ گهرجي ته اهي به پنهنجي استادن جي لاءِ هڪ سهولتڪار وارو ڪردار ادا ڪن ۽ استادن کي هر اها گهربل سهولت فراهم ڪري ڏين جن جي هنن کي پنهنجي مضمون / عنوان کي پڙهائڻ جي لاءِ ضرورت آهي. جهڙوڪ ليپ ٽاپس، ڊيسڪ ٽاپس ۽ پرنٽرز نوٽس ۽ پيش تعارفن (پريزينٽيشنز) کي تيار ۽ ڇاپڻ جي لاءِ. ملٽي ميڊياز ۽ اشٽيشنري جو ضروري سامان ٻارن کي “چاڪ ۽ ٽاڪ” واري طريقي ڪار سان نه پر جديد انفارميشن ٽيڪنولاجي جي مدد سان پڙهائڻ جي لاءِ، ۽ جنهن لاءِ انٽرنيٽ جي سهولت پڻ خاص طور تي مهيا ڪري ڏني وڃي. هر اسڪول ۾ ملٽي ميڊيا انهيءَ ڪري به لازمي آهي ته جيئن اسان جا استاد نون اندازن، جديد طور طريقن ۽ وقت پٽاندڙ گهرجن کي سامهون رکي ٻارن کي پڙهائين ۽ سيکارين ڇاڪاڻ جو ملٽي ميڊيا هڪ ئي وقت مواد (ٽيڪسٽ)، آواز، تصويرن ۽ وڊيو ڪلپس، پيش تعارفن يا فلمن کي نمايان طور تي پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ استاد جي خوب مدد ڪري ٿي. ميوزڪ سيڪوئينسر (اليڪٽرانڪ باجو / آرڪيسٽرا) ٻارن کي موسيقي جي تعليم ڏيڻ جي لاءِ. موسيقي جي تعليم به ضروري آهي ڇاڪاڻ جو هن قسم جي تعليم ذهن کي فرحت ڏئي ٿي. جڏهن هفتيوار، مهيني وار، ٽماهي، ڇهه ماهي يا ساليانا امتحان ٿين ته استاد پرچا اهڙي طرح سان تيار ڪن جو رٽي وارو جهان ۽ نقل ڪرڻ ڪرائڻ وارو رجحان پاڻمرادو ختم ٿي وڃي. ٻارن ۽ استادن کي دماغي ماس (مائينڊ مسلز) کي استعمال ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي. رٽو لڳائڻ ۽ نقل ڪرڻ ڪرائڻ نسلن جي تباهي آهي جيڪا ٿي چڪي آهي. هاڻي به جيڪڏهن اسان اک نه پٽي ته پوئتي باقي ڇا بچندو!
اسان وٽ سنڌ ۾، تعليم جي معيار جي حوالي سان ملڪي، غيرملڪي فنڊن ۽ حڪومتي سهڪار سان جيترا منصوبا هلي رهيا آهن ائين شايد ڪنهن ٻئي کاتي ۾ هجي. تعليم جي لاءِ هر بجٽ ۾، 20 سيڪڙي کان مٿي ڏوڪڙ رکڻ کان علاوه سرڪاري- خانگي شراڪتداري (پبلڪ – پرائيويٽ پارٽنرشپ) هيٺ ڪيترن ئي ناقابلِ استعمال سرڪاري اسڪولن کي خانگي ماڻهن پاران اپنايو به ويو آهي پر باوجود ان جي، تعليمي معيار مٿي اچڻ جي بدلي پستي طرف وڃي رهيو آهي. خانگي شراڪتداري جي باري ۾ ته، هاڻي عام راءِ هي به جڙي چڪي آهي ته اهي منصوبا پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. منصوبن جا سرپرست تعليم جي معيار تي نه پر، ٻارن جي تعداد وڌائڻ تي ڌيان ڏين ٿا. سرپرستن کي هر ٻار جي داخلا جي عيوض سرڪار پاران سٺي فيس ملي ٿي. اخبارن ۾ اهڙيون به خبرون اينديون رهن ٿيون ته هنن منصوبن هيٺ هلندڙ اسڪول ڪيترن ئي هنڌن تي صرف فائيلن ۾ موجود آهن. ڳالهه اڃان هتي به ختم نٿي ٿئي. اسان جو تعليم کاتو غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز ) جهڙوڪ زندگي ٽرسٽ، اخوت فائونڊيشن ۽ سٽيزن فائونڊيشن وغيره کي پاڻ منٿون ڪري اسڪول حوالي ڪري رهيو آهي. ڪو شڪ ناهي ته، هنن تنظيمن جي، تعليم جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾، ڪافي سٺي نيڪ نامي آهي پر ان جو مطلب هي نه هجڻ گهرجي ته سرڪاري اسڪول هنن تنظيمن جي حوالي محض انهيءَ ڪري ڪجن ته هنن جي تعليمي معيار جي حوالي سان ساک تمام سٺي آهي. سرڪاري اسڪولن جي ساک به مٿي وڃي سگهي ٿي جيڪڏهن اسان جون حڪومتون صحيح نموني سان پڙتال ۽ توازن (چيڪ اينڊ بيلنس) جي نظام کي قائم رکنديون اچن. ۽ ٻيو اسان جا استاد جديد گهرجن کي سامهون رکي تيار ٿي ٻارن کي پڙهائين.
استادن کي جديد طريقن سان پرچا تيار ڪرڻ ۽ موثر نتيجن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نموني طور هيٺ هڪ عبارت (پيراگراف) ڏني آهي، ۽ ان مان ئي سوال تيار ڪري توهان استادن جي سامهون رکيا آهن. صرف انهيءَ ڪري ته روايتي پرچن مان توهان جي جند آجي ڪرايون. توڙي جو هن قسم جي پرچن کي تيار ڪرڻ ڪو نئون ڪم ناهي. گذريل 20 سالن کان وڏن نالن وارن اسڪولن ۾ هن قسم جي پرچن کي تيار ڪرڻ جو رواج عام آهي. مون هي مشق صرف انهيءَ ڪري ڪئي آهي ڇوته هاڻي محنت استادن کي ڪرڻي آهي ۽ دماغ ٻارن کي استعمال ڪرڻو آهي.
عبارت: “سسئي پنهنجي ساهڙين کان موڪلايو ۽، رڻ ڏانهن نڪري پئي. هوءَ ايترو ته اڳتي نڪري آئي جو هڪ هنڌ هن کي اڃ تمام گهڻو ستايو ۽، هوءَ بيحال ٿي اتي ئي ڪري پئي. پري کان هڪ ڌنار جي، جو هن تي نظر پئي ته، هو هن جي لاءِ پاڻي کڻي آيو. جڏهن سسئي پاڻي کي پيتو پئي ته، ڌنار کي وري پنهنجي ماءُ جي دعا ياد پئي آئي، “هڪ ڏينهن توکي بر پٽ ۾ ڳاڙهي ڪنوار ملندي.” هن سسئي کي پنهنجي ماءُ جي ڳالهه جي باري ۾ ٻڌايو ۽، ستائڻ لڳو ته، هوءَ هن سان پرڻو ڪري. سسئي کي ٻي راهه نه سجهي. هن ڌڻيءَ جي در ٻاڏايو. ڌرتي ڦاٽي ۽، سسئي پاڻ کي زمين جي حوالي ڪري ڇڏيو.”
عبارت کي ٻيهر ڌيان سان پڙهو ۽، هيٺ ڏنل سوالن جا جواب ڏيو:
سوال1. هي عبارت سنڌ جي ڪهڙي لوڪ داستان جي باري ۾ آهي؟ جواب: _ .سوال2. سسئي ڪنهن کان موڪلايو؟ جواب: _. سوال3. سسئي کي ڪهڙي شئي ستايو؟ جواب: _. سوال4. هن عبارت ۾ لفظ ڌنار استعمال ٿيل آهي. ڌنار جي تعريف لکو. جواب: _. سوال5. ڌنار کي ڪنهن جي دعا ياد آئي؟ جواب: _. سوال6. ڳاڙهي ڪنوار جو ڇا مطلب آهي؟ جواب: _. سوال.7. لفظ بر پٽ جو ڇا مطلب آهي؟ جواب: _. سوال8. سسئي پاڻ کي زمين جي حوالي ڇو ڪيو؟ جواب: _. سوال9. عبارت ۾ ليڪ هيٺ آيل لفظن جي معنى لکو. جواب: _. سوال10. سسئي جي هن داستان مان اسان کي ڪهڙو سبق ملي ٿو؟ جواب: _. سوال 11. لفظن جا جملا ٺاهيو. سسئي، ساهڙين، ستايو، ماءُ، ٻاڏايو. سوال 12. لفظن جي معنى لکو. زمين، پرڻو، موڪلايو، هنڌ، راهه. سوال 13. سسئي پنهنجي ساهڙين کان موڪلايو. هن جملي ۾ استعمال ٿيل لفظ سسئي، ساهڙين ۽ موڪلايو سنڌي گرامر جي ڪهڙين ڪهڙين وصفن سان تعلق رکن ٿا؟ سوال 14. سنڌ ۾ مشهور ٻيا به اهڙا کوڙ لوڪ داستان آهن توهان ڪن به ٽن جا نالا لکو.
ڏسو، صرف هڪ عبارت ۾ توهان کي ڪيڏو ڪجهه ملي وڃي ٿو. توهان هڪ ئي عبارت کي استعمال ڪندي سوال ۽ جواب، جملا، لفظن جي معنى، واحد جمع ۽ گرامر جا سوال شامل ڪري سگهو ٿا. ٻيو: ساڳي ئي پرچي کي توهان جوابي ڪاپي طور استعمال به ڪري سگهو ٿا ۽ توهان جوابي ڪاپين واري خرچ کي بچائي سگهو ٿا. بلڪل اهڙي طرح توهان اسڪولن ۾ پڙهايا ويندڙ درسي ڪتابن جي سبقن مان هن قسم جا پرچا تيار ڪري سگهو ٿا. هن قسم جا پرچا ڪورس کان ٻاهر جا نه هوندا پر، صرف روايتي ۽ مدي خارج طريقي کان الڳ هوندا. هتي هڪڙو شرط هي به آهي ته، ٻارن کي پڙهايو به اهڙي طرح سان وڃي ۽ آزمائشن ۽، امتحانن جي تياري به هن قسم جي پرچن کي نظر ۾ رکي ڪرائي وڃي. جيڪڏهن اسان جا قابل استاد پاڻ کي هن قسم جي ماحول جي لاءِ تيار ڪن ٿا ته، يقين ڄاڻو ٻار يا اميدوار گهٽ مارڪون ته کڻي سگهن ٿا پر ناڪام ڪونه ٿيندا. هي مان پنهنجي تجربي جي بنياد تي چوان ٿو. ٻيو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وارن جيڪي نوان ڪورس ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندا آهن انهن ۾ انگريزي جا هڙئي ڪتاب سواءِ ٻارهين جماعت جي ڪافي نواڻ ۽ جديد طريقي سان پڙهائڻ وارا ڪتاب آهن.