ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 18 سيڪڙو ۽ صحت جي شعبي لاءِ 11 سيڪڙو واڌ سان اضافي فنڊز رکيا ويا آهن، جڏهن ته زراعت، آبپاشي ۽ بلدياتي منصوبن لاءِ به بجٽ ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي انفراسٽرڪچر منصوبن لاءِ 236 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلندڙ منصوبا به شامل آهن. ٻوڏ متاثرن بابت هن ٻڌايو ته هيستائين 5 لک گهر تعمير ٿي چڪا آهن، جڏهن ته وڌيڪ 8.5 لک گهر اڃا تعمير هيٺ آهن، جيڪي گڏجي 13 لک گهرن تائين پهچي وڃن ٿا. هن چيو ته هن تيز رفتار عمل کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي، ۽ اهو نيپال ۾ زلزلي کانپوءِ ڪيل قدمن کان به وڌيڪ اثرائتو آهي. ڳوٺاڻي علائقن ۾ زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ مراد علي شاهه 600 ارب رپين جي واٽر اينڊ سينيٽيشن منصوبي جو اعلان ڪيو جنهن مان 45 لک ديهي ماڻهو فائدو وٺندا. هي منصوبو موجوده حڪومت جي دور ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جنهن ۾ڳوٺاڻا پنهنجن علائقن ۾ مقامي اين جي اوز جي سهڪار سان بنيادي ڍانچو ٺاهيندا ته جيئن پاڻيءَ سان لاڳاپيل بيمارين تي ضابطو آڻي سگهجي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هن منصوبي کي “انقلابي قدم” قرار ڏنو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن سال جي بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو ويو بلڪه ڪيترن ئي ٽيڪسن کي ختم يا گهٽايو ويو آهي. هن ٻڌايو ته تفريحي ٽيڪس کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريسٽورنٽن تي لاڳو ٽيڪس ۾ به گهٽتائي آندي وئي آهي. ٿرڊ پارٽي گاڏي انشورنس تي اسٽامپ ڊيوٽي کي گهٽائي 50 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته انشورنس ٽيڪس کي 15 سيڪڙو مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي هدايتن مطابق ٽيڪس کان مستثنيٰ شين جي فهرست جلد شايع ڪئي ويندي.