لنڊن (اسپورٽس نيوز) برطانوي يونيورسٽي طرفان تعليمي ميدان ۾ انوکي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، يونيورسٽي جلد هڪ نئون شعبو متعارف ڪرائڻ واري آهي. برطانيا جي يونيورسٽي آف ايڪسيٽر ۾ ايندڙ سال جادو ڦيڻي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري پيش ڪئي ويندي. انتظاميا موجب اهو پروگرام سيپٽمبر 2024 ۾ شروع ڪيو ويندو، هن ڪورس ۾ جادو جي تاريخ جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ادب، فلسفي، آثار قديما، نفسيات ۽ ٻين حوالن سان تجزيو ڪيو ويندو. هن ڪورس جي انسٽرڪٽر پروفيسر ايميلي سيلوو يونيورسٽي جي بلاگ ۾ لکيو ته اڪيدمي جي اندر ۽ ٻاهر جادو ۾ وڌندڙ دلچسپي سماجي روين جو نتيجو آهي.