ڄامشورو/ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ نئين تعليمي سال جو هڪ هفتو گذرڻ بعد سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جون اختياريون جاڳي پيون: پرائمري اسڪولن ۾ مفت نصابي ڪتابن جي ورڇ اشروع: مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ ايندڙ هفتي ڪتاب ورهائڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ڪتابن جي ورڇ بابت تقريب ٿي، جنهن ۾ بورڊ جي چيئرمين پرويز بلوچ ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر نصرت پرويز سهتو ڄامشوري ضلعي جي 3 تعلقن مانجهند، ٿاڻو بولا خان ۽ سيوهڻ جي تعليمي آفيسرن کي پرائمري ڪتابن جا سيٽ سونپي ڪتاب ورڇ جي شروعات ڪئي، ان موقعي تي بورڊ جي چيئرمين پرويز بلوچ چيو ته شروعاتي طور تي پرائمري سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتاب پهچايا پيا وڃن، جڏهن ته ايندڙ هفتي کان سيڪنڊري اسڪولن ۾ پڻ ڪتابن جي ورھاست شروع ڪبي، هن چيو ته درسي ڪتابن جي ورڇ کي شفاف بڻائڻ لاءِ مختلف نگران ڪاميٽيون پڻ جوڙيون آهن ، جيڪي اسڪولن ۾ وڃي ڪتابن جي موجودگي جي نگراني ڪنديون، هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا ۽ بُڪ بينڪس ۾ موجود ڪتابن جي تناسب مطابق اسڪولن کي درسي ڪتاب مهيا ڪيا ويندا. هوڏانهن تعليم واري وزير سردار شاهه جو چوڻ هو ته استادن جي ڀرتين سان سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا جي تناسب ۾ واڌارو ٿيو آهي. اسان بوڪ بينڪس ذريعي ڪتابن جي دستيابي کي ممڪن بڻائينداسين، هر سال 50 سيڪڙو ڪتابن جي واپسي جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته داخلا جي تناسب مطابق شاگردن لاءِ 50 لک ڪتابن جا سيٽ تيار ڪرايا ويا آهن، جيڪي اسڪولن ۾ وقت سر مھيا ڪيا ويندا.