سکر(بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ سکر جو وڏو فيصلو، جيڪي شاگرد، شاگردياڻيون پنجين کان اٺين جماعت پاس ڪري اڳتي نه پڙهي سگهيا آهن انهن لاءِ اڳتي پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو. تعليمي بورڊ سکر جي بي او ڊي جي منظوري بعد سيڪريٽري تعليمي بورڊ سکر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق سال 2018 کان اڳ پنجون ۽ 2021 اٺون پاس ڪندڙ اميدوار هاڻي نائين ۽ ڏهين جماعت جو گڏيل امتحان ڏئي سگهن ٿا، اهڙا اميدوار 2024 جي سالياني امتحان ۾ نائين ۽ ڏهين جا گڏيل پيپر ڏئي ميٽرڪ ڪليئر ڪري سگهن ٿا، سال 2021 ۾ ميٽرڪ پاس ڪندڙ اميدوار هاڻي يارهين ٻارهين جا امتحان به گڏ ڏئي سگهن ٿا، تعليمي بورڊ جي سيڪريٽري جي صحيح سان آرڊر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. سائنس، جنرل، هوم اڪنامڪس سميت ٻين سبجيڪٽ ۾ اميدوار پنهنجي رهيل ميٽرڪ ۽ انٽر جي ڊگري مڪمل ڪري سگهن ٿا.